روس: اسڪول ۾ هٿياربند شخص پاران فائرنگ، ٻارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا، 21 زخمي

ماسڪو: (سومر: 26 سيپٽمبر 2022ع) روس جي هڪ اسڪول ۾ هٿياربند شخص فائرنگ ڪري 7 ٻارن سميت 13 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو.

مذڪوره واقعو روس جي شهر ازهوسڪ ۾ پيش آيو. اختيارين موجب هٿياربند شخص جي فائرنگ سبب 7 ٻارن سميت 13 ڄڻا مارجي ويا. جڏهن ته 14 ٻارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

هن ٻڌايو ته حملي آور پهريان سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪيو ان کان پوءِ اسڪول ۾ داخل ٿي ٻارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني.

اختيارين ٻڌايو ته ٻارن مٿان فائرنگ کان پوءِ حملي آور پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. حملي آور کي ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ پاتل هئي. حملي آور پاران ڪيل حملي جي مقصد جي باري ۾ ڪي به تفصيل سامهون ناهن اچي سگهيا. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ 29 سيپٽمبر تائين سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته روس ۾ هلندڙ سال دوران اسڪولن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. مئي 2021 ۽ اپريل 2022 دوران اسڪول ۾ فائرنگ جا واقعا ٿيا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں