تحرير: ڄام صنم سنڌي
وڏڙا چوندا ھا ”مينھن وسي ٻه پھر، ڇن (ڇپر) وسي ڇهھ پھر“. ھن وقت سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ اھي چوڻيون درد ۽ تڪليف ۾ اضافي جي يادگيرين جو سبب آھن ڇو ته ھن ڀيري وسيل مينھن نه ته پھرن وارا ھئا ۽ نه وري ڇن ڇهه يا اٺ پھر وسيا بلڪه ھن برساتي ٻوڏ ۾ مسڪينن جا ڇپر ته ڇا پر سڀ ڪجهھ لڙھي ويو. اھي ڪکن سان جڙيل گھر نه پر سندن اميد ۽ آس جا اجھا ھئا جن جي تيلي تيلي ڪک ڪک ۽ سِر سِر ۾ سندن سوين سپنا سجايل ھئا اجڙي ويل ماڳ سندن وسڻ جا وٿاڻ ھئا جتي سندن خوشي ۽ غمي جا گھاريل پل کائن ڪڏھن به وسري نه سگھندا. سندن قضيا ۽ ڪاڄ اباڻي مٽيءَ سان منسوب ھئا، ويڙھا ڪري ويٺلن جا رساما ۽ پرچاڻا پنھنجن جي پيار جي نشاني ھا، سندن ڏک، سک، بک ۽ خوشحالي ھڪٻئي سان سلھاڙيل ھئي، سندن آسون، اميدون ۽ خواب تعبير جي اوسيئڙي ۾ ھئا ته مٿن رحمت، زحمت بنجي ڪڙڪي ۽ پائي پائي جوڙي جوڙيل جھڳن سميت سندن مال متاع، ٻچڙا ۽ اڱڻ ٻوڏ ائين ٻھاري وئي جيئن راڪاس وستيون ويران ڪري يا جنگ شھرن جا شھر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تباھ ڪري ڇڏيندي آھي. ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھيلوڪو مينھن ماڻھن ۽ مال، ٻنين ٻارن ۽ فصلن لاءِ فضل بڻجي وسندو يا قھر بڻجي ڪرندو ۽ سڀ ڪجهھ اجاڙي ڇڏيندو؟ ڪنھن ٿي ڄاتو ته سندن فصل اپت ڪندا يا سندن لاھ به ڪڍي ڇڏيندا؟ ڪنھن ٿي ڄاتو ته مال ٻيڻو اگھه ڪندو يا مرڳو رھندو ئي ڪو نه؟ ڪنھن ٿي ڄاتو ته باغن جي ميوات عالمي منڊين ۾ ويندي يا باغ ۽ وڻ وري ورھين تائين ثمر جي لائق ئي نه رھندا؟ ۽ ڪنھن ٿي ڄاتو؟ ڪنھن ٿي ڄاتو ته ھيءَ برساتي ٻوڏ سندن ٻچا ٻوڙي ۽ لوڙھي ڇڏيندي سندن پيريءَ جو سھارو موت جي منھن ۾ ھليو ويندو سندن اکين جو نور ۽ دلين جا ٺار رشتا کائن سدا لاءِ وڇڙي ويندا، بک ۽ بدحالي کين دربدري جي درياھ ۾ لوڙھي بي درد، سفاڪ ۽ رشوت خور اڳواڻن، وڏيرن، ميرن، پيرن، ڪامورن ۽ سياستدانن جي اڳيان اچي روڊن تي اڇلائيندي شاعر ڪيڏيون نه درد ڀريون سٽون چيون آھن ته:
کسی کے پاس بهت کچھ هے، اس خدا کا دیا،
کسی کے پاس سواءِ خدا کے کچھ بھی نهیں۔
جن وٽ فقط خدا آھي اھي اڄ انتھائي بيوسي ۽ مفلسيءَ جي حالت ۾ خدا جي سڀ ڪجهھ ڏنلن ڏانھن واجھائي رھيا آھن. ائين ناھي ته ھيڏي جڳ جھان ۾ احساس وارا کٽي ويا آھن بلڪل نه، اڄ به انسانيت رکندڙ پنھنجو ڪم ڪندا ٿا رھن بنا ڪنھن عھدن، بنا ڪنھن فوٽن، بنا ڪنھن شھرتن ۽ بنا ڪنھن واھ واھ جي پرواھ ڪرڻ کانسواءِ پر جن سڄي عمر اسپيڪر تي عوام جي ٺيڪيداري لاءِ سينن تي ھٿ ٺوڪيا آھن اھي ڪٿي به ڪنھن جي به مدد ڪندي نظر نه آيا جن عوام جي اٻوجھائپ جو سدائين فائدو وٺي کين ڀولڙي جيان نچائي سندن حقن جي ڪمائي کاڌي آھي. اھي ٺڳ فقير عالمي ادارن کان مال ڦريندي ته نظر اچن ٿا پر اھو اربن ۽ کربن ۾ مليل مال ۽ سامان ورھائيندي ڪٿي به ناھن ڏٺا ويا اڌ کان مٿي سنڌ جي تباھ ٿيل ڍانچي جو پرديس جي ھر ملڪ ۾ پٽڪو ڪندڙ سڄو پيسو ڦٻائي ويھي رھيا آھن پر کائن ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ناھي، قومپرست ۽ سندن ڪارڪن يا پارٽيون ڇو پٺ تي پيون آھن؟ ڇو پنھنجو ڪردار ادا ڪري نه سگھيون آھن، سنڌو درياھ جي سٽيل ديش واسين کي ڇو قومپرستن اڪيلو ڇڏي ڏنو آھي؟ ڇا گھڻائي ۾ متاثر ٿيلن کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مخلص ٻيھر ماڳ مڪانن تي منتقل ڪري آباد ڪرڻ جو ڪم ڪري سگھندا؟ ڇا اھي ھن اھم ۽ تاريخي ذميواري کان ھن ڀيري آجا ئي رھندا جن ھميشه حڪومتون ڪري مال ميڙيو ۽ اقتدار جا مزا ماڻيا ۽ پنھنجا بنگلا، گدام ۽ پيٽ ڀريا ۽ عوام کي ڌڪا ۽ ٿاٻا ڏنا ۽ سندن ٻچن کي ڪتاب قلم ڏئي اسڪول جو رستو ڏيکارڻ بجاءِ ڪستو ھٿ ۾ ڏئي پنڻ تي مجبور ڪري ڏوھن جو رستو ڏيکاريو ۽ مستقبل ۾ پنھنجي ڏوھاري ڪاروائين ۾ کين ڪتب آڻڻ لاءِ ھاڻي کان ئي منظم سازش تحت تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ڇو ته کين خبر آھي ته جنھن ڏينھن قوم جي ٻچن وٽ ھٿن ۾ ڪتاب ھوندا ۽ پيٽ ۾ حلال روزيءَ جو ڳڀو ھوندو ان ڏينھن عوام سندن اڳيان بيھي سوال ڪرڻ جي سگھه رکندو ۽ اھا ڳالهھ ڪنھن به ظالم، جابر ۽ بدعنوان حڪمران يا سامراج کي پسند ناھي ھوندي ته سندن اڳيان ڪو سوال ڪري يا ڪنڌ کڻي تنھن ڪري سڄي سنڌ کي ھڪ منظم سازش تحت ھٿرادو ٻوڏ جي حوالي ڪري سالن تائين عوام کي اھڙي محڪوميءَ ۾ ڌڪيو ويو آھي جو ھُو رڳو انگ ڍڪڻ لاءِ اڳري ۽ بک اُجھائڻ لاءِ ماني ٽڪر کان اڳتي سوچڻ جي سگهھ ئي نه ساري سگھن وات کولڻ، سوال ڪرڻ، حق گھرڻ ۽ بنيادي مسئلن جي حل جا مطالبا ڪرڻ ۽ سندن آڏو بيھڻ ته تمام پري جي ڳالهھ آھي ھزارين سالن جي تھذيب رکندڙ قوم کي ھزارين سال پوئتي ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي آھي ۽ اھڙي المياتي صورت حال ۾ ھوندي به ھر ھنڌ ڪامورن ۽ اڳواڻن سان گڏ سندن چمچا پنھنجي ڪرت خوب نڀائيندي ھر ھنڌ پاڻي جي نيڪالي، ماڻھن جي بحالي ۽ ايمانداري سان امداد جي ورھاست ۾ وٺ سٺ ڪندي پنھنجي ڀوتارن کي ڀلو ۽ اڳڀرو چوندي ٿڪا ناھن ڪنھن جي به ڪارڪردگي ڪنھن کان به لڪل ناھي.
مون کي ايترو ڏک انھيءَ سادڙي عوام جو ناھي ٿيندو جيڪو چالاڪين کي سمجھڻ کان قاصر ۽ اٺ ڪتابن جا پڙھڻ کان محروم رھيو آھي پر ڏک انھن جو ٿيندو آھي جيڪي عقل، شعور ۽ علم ھجڻ جي دعوا ڪندي به ھڪ طرف متاثرن لاءِ روڊن رستن تي جھوليون جھلي امداد گڏ ڪندا رھيا ته ٻئي طرف کين ٻوڙيندڙن يا ٻڏڻ کانپوءِ اڪيلو ڇڏيندڙن کي عزت ۽ اھميت ڏيندا ۽ سندن جي حضوري ڪندا ٿا رھن. سمجهھ ۾ نه ٿو اچي ته امداد گڏ ڪندڙ گڏ ڪنھن سان آھن. ٻڏندڙ سان يا ٻڏندڙن جو حق ۽ مال کائيندڙن سان؟ جھولي جھلين ڪنھن لاءِ پيا ۽ جھلجي ڪنھن جي اڳيان پئي؟ حق کائيندڙ کان حق پني حقدار کي وٺي ڏيڻ امداد ته ناھي ھوندي ڪنھن رحمدل اڳيان جھولي جھلي متاثر لاءِ مدد وٺڻ اصل امداد ڪوٺبي آھي. صبح جو اسين قاتل سان گڏ ھجون ۽ شام جو مقتول کي آٿت ڏيون ته ڇا اھا سچائي آھي؟ علم ۽ شعور آھي؟ ڇا اھا ھمدردي آھي؟ ڪڏھن به نه.
مان فقط جھولي جھلي متاثرن کي اھا ئي منٿ ڪري سگھان ٿي ته پنھنجي ٻچن مستقبل ۽ ماڳ مڪانن کي ھر پنجين ڏھين سال لڙھندڙ لھرن جي حوالي ڪرڻ بجاءِ پنھنجي حوصلن کي ھماليه بنائي پنھنجي ارادن کي درياھ بنايو جيڪو اوھانجا دڳ، ننگ، انگ ۽ حقن جي رستا روڪ ڪري. اوھين سڀ بند ٽوڙي ان تي اھڙو پاڻي ڦيري پائي وڃو جو وري سندس وجود ڪڏھن ڪر نه کڻي سگھي پنھنجي سوچن کي پاڻي وانگر ھر پھاڙ سان ٽڪر کائڻ جي لائق بنائي ھر ڀيري ٻڏڻ بجاءِ ڏاڍ کي ٻوڙڻ سکو پنھنجي قدامت جيان پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ڪا نئين تاريخ رقم ڪيو، ٻين جي ڏنل امداد تي ٻچا پالڻ بجاءِ اوھان کي امداد جي لائق بنائيندڙن جو استحصال ۽ زوال آڻيو ۽ جن اوھان لاءِ جھوليون جھليون آھن انھن کي به جھولي جھلي چئو ته اوھان جون ھمدرديون ڀلي خلوص ڀريون ھجن پر جيڪڏھن کين اوھان سان حقيقي ھمدردي، سچو لڳاءُ ۽ ايمانداريءَ وارو احساس آھي ته پوءِ انھن سان ناتا ٽوڙين جن ھميشه اوھانجا حق کاڌا، ووٽ ورتا، ڏٽا ڏنا، امدادون ورتيون، تباھيون ڪرايون، علم، عقل، سک، سڪون، خوشحالي ۽ گھر گھاٽ ڦريا ڪستو ڏنو، روڊن رستن تي ننگن کي رلايو نٽھڻ اُس ۾ ٽامي جيان تپندڙ اوڌاري ٽينٽن ۽ واپس گھري وٺڻ لاءِ ڏنل راشن جي ٻورين اڳيان فوٽوسيشن لاءِ مجبور، محڪوم ۽ مظلوم بڻايو آھي ڇو ته ظالم سان دوستي ۽ مظلوم سان محبت ھڪ ھنڌ ڪڏھن به رھي نٿي سگھي ھڪ ڀيرو جھولي جھلي پنھنجو سچو ساٿ ڏيندڙن جو تعين ڪري وٺو ته پوءِ اوھان کي يا اوھان ڪارڻ ڪنھن کي ڪڏھن به ڪنھن جي اڳيان جھولي جھلڻي نه پوندي.