جعلي جمهوريت پسند ۽ مذهبي اڳواڻن سنڌ کي تباهه ڪري ماڻهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي:رياض چانڊيو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزبانيءَ هيٺ ”ٻوڏ ۽ برسات متاثرين جي بحالي“ جي سِري هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته هي ٻوڏ قدرتي آفت ناهي پوري دنيا ان تي متفق آهي ته هي آفت هٿرادو طور تي ٺاهي سنڌ کي ٻوڙيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 75 سالن جي عرصي کان جعلي جمهوريت پسند ۽ مذهبي اڳواڻن سنڌ کي تباهه ڪري سنڌ جي ماڻهن کي مستقل ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري انهن کي پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي جن کي سنڌ ۽ سنڌي نه پر سنڌ جي زمين ۽ سنڌ جا وسيلا گهرجن. هن چيو پاڪستان ۾ انصاف ۽ قانون هجي ها ته اڄ آصف زرداري ۽ ٻيا جيل ۾ هجن ها جيڪي سنڌ کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن ۽ انهن جي لاءِ ڪو قانون ئي ناهي. هن چيو ته هٿرادو ٻوڏ ۾ ان ڪري سنڌ کي ٻوڙيو ويو جيئن پاڪستان جا عالمي قرض معاف ڪيا وڃن ان ٻوڏ جي آڙ ۾ حڪمران اسان لاءِ کڏ کوٽي رهيا آهن. هن چيو ته جس هجي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل اينٽينو گوتريس کي جيڪو ٻن وڳن ۽ چپل ساڻ ڪري پاڪستان پهتو ۽ آمريڪا ۾ ويٺل هڪ عورت اداڪاره انجنيلا جولي متاثرن جو درد ڏسي اتي ويهي نه سگهي ۽ هتي هلي آئي پر آصف زرداري ۽ ان جي اولاد هتي هوندي به متاثرن وٽ نه پهتا. هن چيو ته سرڪاري آشيرواد سان نام نهاد جمهوريت جي دعويدارن ۽ مذهبي ڌرين کي امدادي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي پر قومپرست کي سنڌ ۾ ڪٿي به هڪ ڪئمپ لڳائڻ جي به اجازت نه ڏني وئي. هنن چيو ته پنجاب 2008ع کان هن وقت تائين آبپاشي نظام تي 300 ارب خرچ ڪيا جنهن ڪري اتي ڦڙو به پاڻي نه بيٺو ۽ سنڌ سرڪار ان عرصي دوران 450 ارب روپيا آبپاشي نظام تي خرچ ڪيا پر ان جي باوجود آبپاشي نظام ۾ ڪا به بهتري نه آئي ۽ سمورا پئسا ڪرپشن جي ذريعي هڙپ ڪيا ويا ويتر سنڌ کي هٿرادو ٻوڏ جي ذريعي ٻوڙيو ويو. هن چيو ته اسان مطالبو ڪيو هو ته ريسيڪيو ۽ رليف جو ڪم عدليه حوالي ڪيو وڃي پر سنڌ واسين کي عدليه مان به مايوسي ٿي آهي. هن چيو ته تازي صورتحال ۾ بين الاقوامي هڪ اداري پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ 60 لک عورتون ۽ ٻارڙا گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب مري سگهن ٿا جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته بلوچستان جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ انگريزن 1930ع ۾ ايف بي بند، ميهڙ ۽ وارهه کي بچائڻ لاءِ سپريو بند ۽ جوهي کي بچائڻ لاءِ خدا واهه بند ٺاهيا ويا جڏهن ته پاڻي کي قدرتي نيڪال لاءِ اڙل ۽ دانستر واهه جو نظام موجود آهي پر سنڌ سرڪار ان آبپاشي نظام جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪمران ورلڊ بئنڪ سميت ٻين مالياتي ادارن کي بليڪ ميل ڪري متاثرن جي نالي تي پئسا ڪڍي پنهنجا ڀڀ ڀرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن تنھن ڪري اهڙن لٽيرن مان جان ڇڏائڻ لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ماڻهو بک، بدحالي، بيروزگاري، گيسٽرو، ملياري، چمڙي ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي مري رهيا آهن پر بلاول ڀٽو زرداري واشنگٽن ۾ ويهي انهن کان پئسا وٺي رهيو آهي ڇا بلاول کي خبر نه هئي ته مون سون جي شديد برساتن بابت آمريڪي اداري ناسا طرفان مهينو اڳ اڳڪٿي ڪري اپاءَ وٺڻ جو چيو پر سنڌ سرڪار ڇو جوڳا قدم نه کنيا. هن چيو ته سنڌ واسين ۾ هن وقت ڪاوڙ ۽ غضو آهي جنهن کي ماٺو نٿ ٿيڻ ڏبو، اسان قومي ڪارڪنن کي سنڌين جي هن ڪاوڙ ۽ غضي کي منظم ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ حڪمران ڏائڻ بڻيل آهي موجوده سياسي قيادت آصف علي زرداري جي صورت ۾ نانگ آهي ماڻهو نانگ ۽ وڇون جي ڏنگن ۽ بيمارين ۾ مرن ٿا پيا پر ڏائڻ حڪمرانن کي ڪو به رحم نه ٿو اچي. هن چيو ته حڪمران لٽيرا آهن اسان کي لٽين ٿا پيا جن جو گهيراءُ ڪرڻ گهرجي، بک تي هلي پنهنجا حق وٺڻ سکو، هن قوم کي پنهنجي ذلت جو پلاند وٺڻو آهي، اسان غريب ٻٻر کان ٻير گهرڻ جي خواهش رکنداسي پر هي اسان کي ٻير ڏيڻ بجاءِ ڪنڊا ڏيندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن 2023ع شروع ٿيڻ کان اڳ جيڪڏهن سنڌ مان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ايندڙ سال ڪڻڪ نه پوکجي سگهجندي ۽ سنڌ ڪاري ڏڪر جي ور چڙهي ويندي ان ڏڪر کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي خطاب ڪندي چيو ته پوري سنڌ ۾ هن وقت 70 کان 75 سيڪڙو پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي نيڪال ڪرائي رهيا آهن، لاڙڪاڻي ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت پمپنگ مشين جي ذريعي پاڻي نيڪال ڪيو پر سنڌ حڪومت جو ڪٿي ڪردار نظر نه ٿو اچي آبپاشي کاتي جو سمورو نظام تباهه ٿي چڪو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ليديز فرنٽ جي مرڪزي صدر شيبا مغل خطاب ڪندي چيو ته هي قدرتي آفت نه پر هٿرادو آفت آهي جنهن سان سنڌ کي ٻوڙيو ويو جنهن سان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ جيڪا پرڏيهي امداد ملي آهي ان مان جيڪڏهن هڪ هڪ ڪروڙ هڪ ماڻهو کي ڏنا وڃن تڏهن به پئسا بچي ويندا. ظفر سانگي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پوري سنڌ تباهه آهي ۽ ماڻهو بکون ڪاٽي رهيا آهن ايتري حد تائين جون عورتون پنهنجي ٻچڙن کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ لاءِ پريشان آهن جيڪڏهن بک ۽ بدحالي واري صورتحال برقرار رهي ته ان جا سنڌ تي انتهائي ناڪاري اثر پوندا تنهن ڪري اسان کي سجاڳ ٿي هڪ ٿيڻو پوندو جيڪڏهن اسان متحد نه ٿياسين ته هي اسان جو ايندڙ نسل به گونگو هوندو. ڪانفرنس کي جيئي سنڌ محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين عزيز الله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، قومي عوامي تحريڪ جي ڊويزنل صدر ايڊووڪيٽ غلام شبير جتوئي، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نبي ڏنو بليدي، سينيئر صحافي سرڪش سڌايو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں