حيدرآباد(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جا مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ سکر ۾ ولي محمد لغاري، زونل چيئرمين شجاعت علي گهمرو، دادا ديدار حسين، دريا خان، اشفاق احمد مهر، عبدالرئوف دايو، هدايت الله ڪورائي، غلام حسين. , عبدالخالق ساوند، خليل احمد ڊومڪي، جاويد عباسي، نذر محمد ميمڻ، رياض احمد لاشاري، فدا حسين، نوابشاهه ۾ انور حسين چانڊيو، شير محمد نظاماڻي، علي اصغر خاصخيلي، مير محمد لکھمير، شوڪت چانڊيو، حيدر شاهه، اصغر ملاح ، ٺٽو ۾ وحيد رند، منور علي تارو، عبدالقيوم خاصخيلي، شير زمان سھتو، عبدالرحمان خان، امير علي کوسو، گلاب لنڊ، ٽنڊو آدم ۾ نور حسين ٻگھيو، عبدالحق ساند، اختر علي ڪلوئي، گل محمد خاصخيلي، محمد فھيم قريشي عرف ڪمانڊوم رستم مگسي، رجب علي ٻگھيو، عبدالغني نظاماڻي، عرفان ملڪ شهدادپور ۾ عبدالغفور بروھي، خالد ڪلوئي، اياز شيخ، ممتاز لاکو ۽ لاڙڪاڻو ۾ عبداللہ سومرو، نظام ٻگھيو، ھاشم گاد، علي محمد جتوئي، محمود پٺاڻ، رياض سانگي، ھادي بخش جتوئي، مصطفيٰ چانڊيو، وسيم جتوئي، آصف جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بجلي ڪمپنين ۾ نيون ڀرتيون ڪري اسٽاف جي کوٽ پوري ڪئي وڃي، جڏهن ته گيپڪو ۽ اين ٽي ڊي سي وانگر سڀني ڪمپنين کي بونس ڏنو وڃي، ٻوڏ متاثر علائقن جي ملازمن کي خاص الائونس ڏنو وڃي، ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز ملازم پڪا ڪيا وڃن، جڏهن ته نجڪاري جا منصوبا رد ڪيا وڃن، اسٽاف جا ٽي اي بل ۽ ميڊيڪل بل ادا ڪيا وڃن، ملازمن جي ڪم دوران حادثن کي روڪڻ لاءِ حفاظتي سامان ڏنو وڃي ۽ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو تحفظ ڪيو وڃي. هنن چيو ته حڪومت ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي دٻاءُ تي واپڊا جي ڀڃ ڊاھ لاءِ جيڪي قدم کڻي رھي آھي ان عمل کي جلد کان جلد رد ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته فوتي ملازمن جي ٻارڙن ۽ ڊائريڪٽ ملازمت جي پيڪج بجاءِ کين ريگيولر يا ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ملازمت ڏيئي سهولتون ڏنيون وڃن، ٽرانسپورٽ پاليسي تحت 1 کان 16 جي ملازمن کي به شامل ڪيو وڃي، ڀرتين تي لڳل پابندي کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
