سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي ٿي آهي اهڙي زندگي ۾ ناهي ڏٺي:راشد محمود سومرو

جهڏو(ن س)جمعيّت علما اسلام سنڌ جي صدر راشد محمود سومرو جهڏو ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي تباهي ناهي ڏٺي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پيپلزپارٽي وارا ٻڌائي سگهن ٿا يا سنڌ جو عوام ٻڌائي سگهي ٿو

هن وقت جيڪا تباهي آئي آهي ان کي منهن ڏيڻ ڪنهن هڪڙي حڪومت يا هڪڙي تنظيم جي وس جي ڳالهه ناهي هن صورتحال ۾ سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن اسان پنهنجي متاثر ماروئڙن جي مدد ڪري سگهون ٿا هن چيو مرڪزي حڪومت ۾ اسحاق ڊار جي اچڻ کان پوءِ بهتري آئي آهي پيٽرول جي قيمت گهٽ ٿي آهي ڊالر جي قيمتن ۾ لاٿ اچي پئي جنهن سان ملڪ ۾ بهتري اچي پئي عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو عمران حڪومت ۾ جيڪو گند ڪيو ويو آهي ان کي صاف ڪرڻ ۾ اڃان وقت لڳندو تازو ڪي پي ڪي جي حڪومت جي رپورٽ آئي آهي ته ٻين حڪومتن جيڪو 70 سالن ۾ قرض ورتو عمران حڪومت 10 کان 12 سال جي عرصي ۾ هن کان ڏهوڻ تي قرض وٺي ڪي پي ڪي جي حڪومت کي ڊفالٽر ڪري ڇڏيو آهي عمران خان پنهنجي دور ۾ آئي ايم ايف سان سخت معاهدا ڪيا اسٽيٽ بينڪ کي گروي رکي ڇڏيو ان جا نتيجا پاڪستان جي عوام ڀوڳي رهيو آهي اسان کي اميد آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ملڪ جي حالت بهتر ڪندي. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں