حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيارا اداري پاران ’سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم‘ جي سلسلي ۾، قاسم آباد حيدرآباد ۾ هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ’قاسم آباد بزنيس فورم‘ جي سهڪار سان منعقد ٿيل هن ريليءَ ۾ اديبن، شاعرن، صحافين، دڪاندارن، مقامي واپارين ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن ۾ جامي چانڊيو، شبنم گل، منصور قادر جوڻيجو، نصير مرزا، امر فياض ٻرڙو، علي دوست عاجز، علي آڪاش، عبيد ٿهيم ۽ منصور سيتائيءَ سميت قاسم آباد بزنيس فورم جا اڳواڻ حاجي رحمت الله ساند، رئيس غلام قادر ڀرڳڙي ۽ خرم کوکر، عوامي جمهوري پارٽيءَ جي نذير قريشي، پريس ڪلب حيدرآباد جو ظفر هڪڙو، رئوف چانڊيو، سليم ملاح سماجي اڳواڻ صبا عباسي، زينت چانڊيو، مومل ڪوريجو ۽ قاسم آباد جا شهري شامل هئا. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيارا اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل هي ريليءَ قاسم آباد بزنيس فورم جي دفتر کان شروع ٿي، پڪوڙا اسٽاپ ۽ مهراڻ سينٽر کان ٿيندي واپس قاسم آباد بزنيس فورم جي دفتر تي ختم ٿي. ريليءَ دوران مهراڻ سينٽر جي تنظيم جي صدر ديوان نهال چند، ميڊيڪل اسٽور ائسوسيئيشن جي صدر شفيق رحمان تنيي ۽ ٻين اڳواڻن، ڊاڪٽر اسحاق سميجي ۽ ريليءَ ۾ شامل وفد جي گذارش کي مان ڏيندي، سڀاڻي کان سڄيءَ قاسم آباد ۾، دڪانن ۽ واپاري مرڪزن جا بورڊ سنڌيءَ ۾ لکرائي، لڳائڻ جو واعدو ڪيو. ريليءَ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمئن ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ’سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم‘ جي سلسلي ۾ هيءَ ريلي ڪڍي پئي وڃي ته جيئن پنهنجن ماڻهن ۾ ٻوليءَ سان وابستگي، محبت ۽ اھميت جو احساس پئدا ڪري سگهجي. قاسم آباد جي شهرين ۽ خاص طور تي واپاري ڀائرن هن مهم جو حصو ٿيندي پنهنجن دڪانن ۽ واپاري مرڪزن تي لڳل بورڊن کي سنڌيءَ ۾ لکرائي، لڳرائڻ جو واعدو ڪيو آهي، جيڪا بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هن چيو ته قاسم آباد جي آبادي سنڌي هوندي به دڪانن تي ٻين ٻولين ۾ لکيل بورڊ ڏکوئيندڙ ڳالھ آھي. هن چيو ته اٿارٽيءَ پاران سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم کي سنڌ جي ماڻهن پاران پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي مالڪي ڪرڻ لڳا آهن. اميد آهي ته جلد ئي تعليمي ادارن ۾ بنيادي تعليم سنڌي ۾ نه ڏيڻ واري شڪايت ختم ٿي ويندي. ريليءَ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نامور دانشور جامي چانڊيي چيو ته صفا سادي ڳالهه آهي ته پنهنجي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ڪريون. سنڌي سموري دنيا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر سنڌ ان ٻوليءَ جو وطن آهي. هاڻ اهو ان وطن جي ماڻهن جي ذميواري آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جو واهپو ۽ بچاءُ ڪن. هن چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو بنيادي مقصد ئي اهو آهي ته وڌ کان وڌ سنڌيءَ جو استعمال ٿئي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آھي ته اداري عام ماڻهو تائين اهو پيغام پهچائڻ جي شروعات ڪئي آهي ۽ ان لاءِ پوري سنڌي سماج کي عملي طور اڳتي اچڻو پوندو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نامور اديب نصيرمرزا چيو ته هي ٻولي هڪ وطن ۽ مٽيءَ جي ٻوليءَ آهي، جنهن کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ ان جي اهميت کي وڌائڻ بيحدجي ضرورت آهي. ٻوليءَ کان سواءِ ماڻهوءَ جو وجود نامڪمل آهي.ريليءَ دوران قاسم آباد بزنيس فورم جي اڳواڻ حاجي رحمت الله ساند اعلان ڪيو ته سڀاڻي کان قاسم آباد ۾ دڪانن اڳيان لڳل بورڊن کي سنڌيءَ ۾ لکڻ ۽ لڳرائڻ جي شروعات ڪئي ويندي. قاسم آباد جا واپاري، دڪاندار ۽ سماجي اڳواڻ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هن مهم جو حصو آهن. ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ نذير قريشيءَ چيو ته ٻولي ۽ ثقافت کان سواءِ قوم جي ڪا سڃاڻپ نه هوندي آهي، ان ڪري ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهي، ان جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪريون ۽ پنهنجن ٻارن کي تعليم سنڌيءَ ۾ ڏياريون ۽ پنهنجي روزانيءَ جي ڪم ڪار ۾ سنڌيءَ جو واهپو ڪريون ته جيئن ايندڙ نسل کي پنهنجي ٻولي سلامتيءَ سان منتقل ڪري سگهون، ۽ جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته اسان جي قومي سڃاڻپ ختم ٿي ويندي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو هن جاڳرتا مهم ذريعي عام ماڻهوءَ تائين ٻوليءَ جي اهميت جو پيغام پهچائي رهيو آهي، ان لاء سماج جي سمورن علمي، ادبي، ثقافتي تنظيمن ۽ ادارن کي هن قومي ذميواريءَ ۾ عملي طور ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ريليءَ کي علي آڪاش، منصور قادر جوڻيجي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
