قمبر ۾ يونيسيف وفد طرفان ٽينٽ سٽي جو دؤورو، سهولتن جو جائزو ورتو

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ يونيسيف هيڊڪوارٽر جي وفد جي اڳواڻي ۾ضلع قمبر شهدادڪوٽ ڊگري ڪاليج قمبر ۾برسات متاثرين لاءِ ضلع انتظاميه پاران قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرين کي ملندڙ کاڌ خوراڪ،صحت، تعليم ۽ ٻين سهولتن جو جائزو ورتو ۽ متاثرين کان ملندڙ سهولتن بابت ڄاڻ ورتي ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون امداد علي ابڙو پاران يونيسيف جي ٽيم کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تي ضلع انتظاميه پاران ضلع جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ شهرين لاءِ ريليف ڪئمپون ۽ ٽينٽ سٽيز قائم ڪيو ويون آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته  علائقي جي برسات سبب متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ڊگري ڪاليج قمبر ۾750 خيمن تي مشتمل ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 750 خاندان رهائش پذير آهن جن کي خشڪ راشن،پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت سميت ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته يونيسيف سماجي تنظيم جي تعاون سان ٻوڏ متاثر ٻارن جي تعليمي سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ ٽينٽ اسڪول قائم ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ ضلع انتظاميه پاران سندن شڪر گذار آهيون ان موقعي تي يونيسيف جي ٽيم پاران ٽينٽ سٽي برسات متاثرين لاءِ ڪيل انتظامن تي اطيمنان جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي تعليم کي جاري رکڻ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.ان موقعي تي مس لانا وريڪاٽ يونيسيف طرفان قائم ڪيل  ٽينٽ اسڪول جي وزٽ ڪري اسڪول جي ٻارن ۾ ٿيلھا ورھايا  ان موقعي تي ڊاڪٽر اياز سومرو ھيلٿ فيڊرل اسپيشلسٽ، ڊاڪٽر زيد صوبائي اسپيشلسٽ ھيلٿ، ۽ ٻين عملدارن پاران يونيسيف جي وفد کي ٽينٽ سٽي ۾ متاثرين کي فراهم ڪيل صحت ۽ صفائي، تعليم ، پئيڻ جي پاڻي سميت ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں