لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي ننڍن ملازمن جو پگهارن لاءِ احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي ننڍن ملازمن طرفان ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ريلوي ٽريڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ، ٽريڪم ۽ پاهوڙا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ملازمن خدا بخش نوهاڻي، محمد موسيٰ، شاڪر، آصف، حسين بخش جيهو، علي رضا نوهاڻي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانيهندي چيو ته اسان کي ريلوي اختيارين پاران هن ٻوڏ جهڙي آفت دوران 50 ڏينهن جون پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جڏهن ته ٻوڏ دوران اسان کي سنڌ جي مختلف علائقن جيڪب آباد، روهڙي، نوابشاھ سميت ٻين علائقن ۾ ڊيوٽيون ورتيون ويون، اسان جا برسات ۾ رهائشي ڪوارٽر زبون حال ٿي ويا آهن، جڏهن ته اداري جا آفيسر اسان کان 16 ڪلاڪ ڪم وٺي رهيا آهن، جڏهن ته ٽرين سروس بند هجڻ ڪري اسان اڌارا پيسا مائٽن ۽ دوستن کان وٺي پابندي سان ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، اسان ٻچڙن سميت بي يارو مددگار بڻجي ويا آهيون، پر تنهن باوجود به پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، ريلوي کاتي جي وفاقي وزير سعد رفيق سميت ٻين اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جون رهيل پگهارون جاري ڪري گهرڀاتين سميت فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں