ماحولياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ خوراڪ جو بحران

حسن جان سومرو
ڪجھه  عرصو اڳ ماحولياتي ماھرن اھا اڳڪٿي ڪئي ھئي ته  وڌندڙ گرم پد ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون نتيجو آھي، جنھن جي ڪري پاڪستان ۽ ڀارت ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جو مسئلو سنگين صورتحال اختيار ڪري رھيو آھي، ڇاڪاڻ گليشئير تيزي سان ڳري رھيا آھن، جنھن سبب اڳتي ھلي ھڪ وڏو معاشي ۽ سماجي بحران جي شڪل اختيار ڪندو. ماھرن جو چوڻ آھي ته  پاڪستان ۽ ڀارت موسمياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ انھن ڏھن ملڪن منجھان آھن، جيڪي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.
گذريل ڏھن سالن جي عرصي ۾ ٻنھي ملڪن ۾ موسمي طوفانن ۽ سامونڊي طوفانن جي شدت ۾ به  اضافو ٿيو آھي. پر اسان جي حڪومتن ان ڳالھه  جو ڪوبه  اثر نه  ورتو، نه  ڪو کڙتيل ڪڍيو،وسيلا ھوندي به  وسيلن جو استعمال نه  ڪيو ويو. موجوده  وقت ۾ ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڏکيائون ان ڳالھه  جو ثبوت آھن ته  ٽين دنيا جھڙن ملڪن ۾ خوراڪ جو سخت بحران پيدا ٿي رھيو آھي. وڌندڙ گرمي پد ۽ گرين ھائوس گئسن جي گھڻي مقدار ۾ استعمال جي ڪري جيڪو نئون بحران جنم وٺي رھيو آھي، جيڪا ڳالھه  اسان سڀني لاءِ  ھڪ الارمنگ صورتحال آھي. ڪٿي ٻوڏ ته  ڪٿي خشڪ سالي سبب خوراڪ جو بحران ھن خطي لاءِ  تمام گھڻيون مصيبتون  ۽ تباھيون گڏ آڻيندو.گڏيل قومن جي اداري جي ھڪ تنظيم ڊبليو او ايم جي ڪلائيميٽ رپورٽ ۾ اھا ڳالھه  پڌري ڪئي وئي آھي ته  ھر ٽن سالن کان پوءِ  گرمي پڌ جي شدت  ۾ اضافو ٿيندو رھندو. ھنن وڌيڪ چيو ته  موسمياتي تبديلي کان سواءِ اھو گرمي پد 312 سالن ۾صرف ھڪ ڀيرو ٿيندو آھي. موجوده  پيل برسات ان ڳالھه  جو ئي ثبوت آھي ته  ماحولياتي تبديلي جي ڪري زراعت ۽ فصلن جي جنسن کي تمام گھڻو ڌڪ رسايو آھي. جنھن جي ڪري ھاڻي ايندڙ وقت ۾ فصل ان مقدار ۾ نه  لھندا. جنھن سان آبادگار جي معيشت ۽ مقامي ماڻھن روزگار کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو. گڏوگڏ پورھيت طبقي جھڙوڪ ھاري ۽ مزدور جو خوراڪ جو گھربل مقدار پورو نه  ٿي سگھندو. ٻوڏ جي تباھي جي ڪري زراعت جي تباھ ٿيل سيڪٽر کي نئين سري سان منظم انداز ۾ سائنسي طريقن سان منھن ڏئي بھتر ڪري سگھجي ٿو. اسان وٽ دنيا جو سڀ کان وڏو آبپاشي نظام ھجڻ جي باوجود پاڪستان ڪڻڪ خريد ڪندڙ آھي. ڇاڪاڻ ته  اسان انگريزن جي دور جي جڙيل آبپاشي نظام ۾ ڪي به  سڌارا ناھن آندا. ھن وقت حڪومت ٻوڏ سٽيل علائقن امدادي سرگرمين ۽ پاڻي نيڪالي کان پوءِ  زراعت جي بھتري لاءِ  ايريگيشن نظام کي بھتر بڻائڻ خاطر زرعي سڌارا آڻڻ لازمي شرط آھي. ڇاڪاڻ ته  زرعي سڌارن سان آبادگار جي معشيت کي ھٿي ملندي، ڇاڪاڻ ته  زرعي سڌارن سان زراعت جي تباھ ٿيل صنعت کي ھٿي ملندي. ان کان سواءِ موسمي تبديلين کي نظر ۾ رکندي آباگارن کي مدد لاءِ  حڪومت کي نئين سمارٽ ٽيڪنالوجي جھڙن طور طريقن کي متعارف ڪرائڻو پوندو،جنھن سان پوکن جي منڌ ۾ مختلف زرعي جنسي ٻج استعمال ۾ آڻڻا پوندا جيڪي موسمي تبديلين جي مقابلي ۾ بھترين اپت ڏئي سگھن. اھڙي قسم جي اپائن کان پوءِ  خوراک کوٽ ۾ لاٿ ايندي. پاڪستان جي اڌ کن وڌيڪ آباد  گھريلو بجيٽ جو استعمال کاڌي تي شين تي استعمال ٿئي ٿو. مثال گذريل ڪڻڪ جي موسم دوران مارچ ۽ اپريل ۾ گرمي جي لھرن ( غير معمولي تيز گرمي پد ) جي سبب ڪڻڪ جي پوک ۾ 5 کان 10 سيڪڙو تائين گھٽتائي آئي، ڇاڪاڻ ته  فصل پنھنجي ڀرپور پوک نه  ڏيئي سگھيو. موسمي تبديلين جي ڪري برسات ۽ گرمي پڌ چانورن جي فصل تي اثرانداز ٿين ٿا. جنھن جي ڪري فصل جي صحيح نموني پيداوار جو خطرو وڌي ويو آھي،جنھن سبب پاڪستان ۾ خوراڪ جو بحران يقيني آھي. اھا ڳالھه  ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته  عالمي سطح تي خوارڪ جي پيداوار ان جي استعمال کان وڌيڪ ھوندي آھي،جڏھن ته  ٽين دنيا جي ملڪن ۾ لکين ماڻھو بک جو شڪار آھن ۽ خوراڪ لاءِ  ترسيل آھن. خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافي سبب ملڪ ملڪ جي معشيت ۽ عام ماڻھو عدم تحفظ جو شڪار آھن. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب فصل مڪمل طور ٻڏي چڪا آھن.آبادگار سخت پريشان آھن. بدلجندڙ موسمي حالتن کي ڏسندي بک ۽ کاڌي جي بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ  خوراڪ جي حفاظت حڪومت جي ترجيح ھجڻ گھرجي. ٻئي طرف خطي ۾ روس جو يوڪرين تي حملي کان پوءِ  خوراڪ جو بحران اڃا وڌيڪ سنگين ٿي ويو آھي. جنھن جو قيمتن تي اڻ سڌي طرح اثر پئجي رھيو آھي. 2020 ۽ 2021 ۾ ملڪ ۾ جيڪا سٺ سيڪڙو ڪڻڪ استعمال لاءِ  آندي وئي اھا يوڪرين مان برآمد ڪئي وئي. واضح رھي ته  يوڪرين دنيا جو ٽيون نمبر ۽ روس چوٿين نمبر تي ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ آھن.ھلندڙ سال گلوبل نيٽ ورڪ پاران خوراڪ جي بحران بابت جيڪا رپورٽ جاري ڪئي وئي آھي ان ۾ اھو چيو ويو آھي ته  جھيڙا ۽ جنگيون سموري دنيا ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ جو اھم ڪارڻ آھن،ڇاڪاڻ ته  جنگيون خوراڪ بدران ھٿيار ٺاھن ٿيون. گلوبل ھنگر انڊيڪس 2021 مطابق پاڪستان ،ڀارت ۽ افغانستان کي 92،101 ۽ 103 نمبر تي رکيو ويو آھي.
عالمي فوڊ سيڪيورٽي جي اسسمينٽ مطابق 2011 کان 2031 جي عرصي تائين جيڪا رپورٽ پڌري ڪئي آھي ان ۾ اھو واضح چيو آھي ته  پاڪستان 38 سيڪڙو خوراڪ جي عدم تحفظ جو شڪار بڻجندو. وڏي پيماني تي ٿيندڙ انساني جانين جو نقصان جو وڏو ڪارڻ وبائي مرض،غربت ۽ عالمي تڪرار آھي. جيڪو روس ۽ يوڪرين جي تضاد ۾ اڀريو. موجوده  عالمي صورتحال ۾ خوراڪ جي بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ  اثرائتا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي. پاڪستان ۾ نه  رڳو غربت پر سياسي ۽ معاشي اڻبرابري ، ڪورونا جي وبائي مرض قدرتي آفتن انساني ترقي جي ڪيترن ئي شعبن کي متاثر ڪيو آھي.ھن وقت ڀارت موسمياتي تبديلين جي حوالي سان بھترين ڪم ڪري رھيو آھي. اسان کي گھرجي ته  پنھنجي پاڙيسري ملڪ مان ڪجھه  سکون، ڇاڪاڻ ته  ڀارت جي صحت جي شعبي گرمي ۽ گندگي سان لاڳاپيل بيمارين کي منھن ڏيڻ لاءِ  اڳواٽ منصوبو جوڙيو ھو. جيڪي منصوبابندي نيشنل پلان جو حصو ھو. اسان جي اداران کي به  گھرجي ته   قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين کي منھن ڏيڻ لاءِ  نيشنل ايڪشن پلان تحت منصوبابندي جوڙي وڃي ته  جيئن ملڪي معيشت ۽ زرعي پيداوار کي وڌيڪ نقصان نه  رسي سگھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں