لاهور (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ مان پنهنجو پاسپورٽ وصول ڪري ورتو آهي. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پنهنجو پاسپورٽ وصول ڪرڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ پهتي جتي هن پنهنجو پاسپورٽ وصول ڪيو. پاسپورٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ مريم نواز صحافين سان ڳالهين کان سواءِ واپس رواني ٿي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن مريم نواز کي پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. مريم نواز پاسپورٽ واپسي جي لاءِ ڪاغذن تي صحيحون ڪيون. ياد رهي ته مريم نواز پاسپورٽ واپسي جي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو جنهن تي سندس پاسپورٽ واپسي جي درخواست منظور ڪئي وئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڊپٽي رجسٽرار جوڊيشل کي تصديقي عمل مڪمل ڪري پاسپورٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
