ڄامشورو ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو پيادل مارچ ۽ ڌرڻو

ڄامشورو(رپورٽ: ربڏنو ابڙو) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جا مسئلا حل ٿي نه سگهيا آهن، شاگرد طرفان جوڙيل شاگرد جدوجهد اتحاد جي سڏ تي سينٽرل لائبريري کان ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو آهي  مارچ ۾ شريڪ يونيورسٽي جي سوين شاگردن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي ته شاگرد جدوجهد اڳواڻ جانب وساڻ,زيب جتوئي فدا پنهور,انتظار روڌناڻي,آمر آڪاش لاکو, مونس اياز, ڌرياءۡ خان پنهور,فرقان پنهور,زاڪر زرداري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي مسئلن جي حل لاءۡ پرامن ٻن هفتن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءۡ تيار ناهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻوڏ متاثر شاگردن جي  2023 داخلا فارم جي فيس معاف ڪيو وڃي، بلاڪ هاسٽل مان پوليس جو قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٽرانسپورٽ جي نظام جي بهتري آندي وڃي، پيئڻ جي صاف پاڻي مختلف شعبن جي لائيبريرين مان پراڻن ڪتابن جي جاءِ تي نوا ڪتاب رکيا وڃن، ليبارٽرين ۾ نئو سامان رکيو وڃي، 2022ع جون رهيل فيسون مڪمل معاف ڪيون وڃن، هلندڙ سيميسٽر جو مدو وڌايو وڃي، رهيل اسڪالرشپ شاگردن کي فوري طور ڏنا وڃن،  ھنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ وڌيڪ لائح عمل جوڙي تحريڪ کي تيز ڪيو ويندو، شاگردن جي احتجاجي ريلي ڄامشورو شھر ۾ پھچڻ دوران ايس يو پي اڳواڻ محمد بخش مري طرفان سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن طرفان ڪڍيل پيادل مارچ جو سنڌ يونيورسٽي سي اين جي وٽ استقبال ڪيو ويو، شاگردن مٿان گلن جي ورکا ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں