اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف جو ملڪي معيشت بابت بيان /ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 20
سٺو آهي. هاڻ اسٽيبلشمينٽ کي فيصلو ڪرڻو آهي ته کين سياست ۾ ڪيترو حصو وٺڻو آهي. نيب ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي فواد چوڌري چيو ته موجوده حڪومت جي ترميم سان پاڪستان ۾ احتساب جو نظام ختم ٿي ويو آهي. شهباز شريف، مريم نواز، آصف زرداري جي ڪيسن جا فيصلا ان ڳالهه طرف اشارو آهن ته پاڪستان ۾ احتساب جو نظام ختم ٿي ويو آهي. اڳوڻي اطلاعات واري وزير چيو ته وقتي تبديلي جو بنيادي مقصد احتساب جي نظام کي ختم ڪرڻ هو. مريم نواز افواهه ڇڏيو ته پاڪستان ۾ سائفر اچڻ بند ٿي ويندا. فواد چوڌري چيو ته هر سفارتخاني ۾ ڊپارٽمينٽ هوندو آهي. هر سفير پنهنجي ملڪ ڏانهن سائفر اماڻيندو آهي. مريم نواز طارق فاطمي کان پچي وٺي ته سائفر هوندو ڇا آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن اسٽيٽ بئنڪ کان عمران خان جي اڪائونٽس جي باري ۾ لکيو آهي. اليڪشن ڪميشن قانون ناهي پڙهيو. ڪيس جو فيصلو محفوظ ٿيڻ کان پوءِ ائين نٿو ٿي سگهي. پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ جا فنڊنگ ڪيس ڪيڏانهن ويا؟ نوازشريف، آصف زرداري، يوسف رضا گيلاني جا توشه خانه ڪيس ڪيڏانهن ويا؟ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ماتحت ادارو بنائي ڇڏيو آهي. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ سمورا جنرل پراسيس مان گذري ايندا آهن. اسان کي نئين مقرري تي اعتراض ناهي، اسان کي اعتراض نئين مقرري ڪندڙن مٿان آهي. سمورن مسئلن جو حقيقي حل آزادي مارچ آهي. هن دعويٰ ڪئي ته سموري پاڪستان مان 20 کان 25 لک ماڻهو اسلام آباد پهچندا.