تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن استعيفائن تي يوٽرن وٺي ڇڏيو، رليف وٺڻ جي ڪوشش

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن استعيفائن جي معاملي تي ريليف وٺڻ جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. رپورٽ موجب تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن عدالت ۾ ڏنل درخواست ۾ چيو آهي ته استعيفائن بابت اسپيڪر اسان کي گهرائي ٻڌو. ميمبرن تحريڪ انصاف جي ڪراچي مان اسيمبلي ميمبر شڪور شاد جي ڪيس جيان ريليف وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي. عدالت اسپيڪر کي هدايت ڏني ته هو استعيفائن جي منظوري بابت پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري. درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته عدالت اسپيڪر کي حڪم ڏئي ته هو درخواستگذارن ۽ ٻين 112 ميمبرن کي گهرائي. اسپيڪر جاچ ڪري وٺي ته جنهن استعيفيٰ ڏنا انهن آرٽيڪل 64 جي تحت مرضي سان استعيفيٰ ڏنا. قانون موجب پٽيشنرز کي ٻڌڻ کان سواءِ استعيفائن بابت مطمئن نٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي ميمبرن درخواست ۾ چيو ته اڃان چونڊن جو اعلان ناهي ٿيو. 123 ميمبرن جي استعيفائن کي گڏ ناهي ڏٺو ويو. ان لاءِ پٽيشنرز جو استعيفائن بابت خط موثر ناهي رهيو. اسيمبلي ميمبر شڪود شاد جي استعيفيٰ منظور ٿي ته هن درخواست ڏني ته اسپيڪر مون کي ٻڌڻ کان سواءِ استعيفيٰ منظور ڪري ورتي. جنهن تي هاءِ ڪورٽ سندس استعيفيٰ جي منظوري جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. درخواست موجب پٽيشنر اسپيڪر جي سامهون پيش ناهي ٿيو ان لاءِ سندس استعيفيٰ منظور ناهي ٿي. هاءِ ڪورٽ ۾ استعيفائن بابت درخواست ڏيندڙن ۾ علي محمد خان، فضل محمد خان، شوڪت علي، ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊاڪٽر شاندانه گلزار، فخر زمان خان، فرخ حبيب، اعجاز شاهه، جميل احمد ۽ محمد اڪرم شامل آهن. تحريڪ انصاف جي ميمبرن طرفان درخواست ۾ چيو ويو آهي ته استعيفائن بابت 25 سيپٽمبر تي سوشل ميڊيا تي آڊيو ليڪ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم ڪابينه ميمبرن ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن کي نوازشريف کان استعيفائن جي منظوري وٺڻ جو ٻڌي سگهجي ٿو. آڊيو ليڪ جو رڪارڊ ۽ ٽرانسڪرپٽ به پٽيشن سان گڏ جمع ڪرايو ويو. انهي آڊيو ليڪ جي ترديد ناهي ڪئي وئي پر 27 سيپٽمبر تي پريس ڪانفرنس ۾ ان کي ناهي مڃيو ويو. تحريڪ انصاف طرفان ڏنل درخواست ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن ۽ وفاق کي ڌر بنايو ويو آهي. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري، تحريڪ انصاف اڳواڻ علي محمد خان، فرخ حبيب، جميل احمد ۽ شاندانه گلزار هاءِ ڪورٽ پهتا پر عدالت استعيفائن جي منظوري بابت درخواست سڀاڻي جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ٻڌڻي چيف جسٽس اطهر من الله ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں