دادو(ڊ ر) دادو ۾ 2013 جي اين ٽي ايس پاس اميدوارن پاران دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت لفظن سان ايجوڪيشن سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري ايجوڪيشن وزير سردار شاه خلاف نعريبازي ڪئي، اڳواڻن فداحسين لغاري، منور سيال، جاويد لغاري،ساجد ڪنڀر، بينظير سولنگي، صنم، تسليم پنهور، علي شير ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته اسان جون ڳالھيون وزير تعليم سردار شاھ سان مڪمل ٿيون ۽ اين ٽي ايس 2013 جي CP ۽ Non CP سڀني اميدوارن کي آرڊر ڏئي ڪري پڪو ڪرڻ جو معاھدو ٿي چڪو آهي ته پوءِ آخر ڇو اسان کي رلايو پيو وڃي يا ته سردار شاھ اسان سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون يا ته اسان کي لولي پاپ ڏنو پيو وڃي اسان جا اميدوار مرڻ گهڙي تائين ڪراچي پريس ڪلب اڳيان بک ھڙتال ڪيو ويٺا آهن، اسان سان ڳالهيون ڪليئر ڪيون وڃن ميڊيا جي روبرو ۽ اسان کي جيسيتائين انصاف نه ڏنو ويندو، تيسيتائين اسان جي مرڻ گهڙي تائين بک ھڙتال جاري رهندي پر پنهنجو حق آخري ساھ تائين نه ڇڏينداسين.اگر اسان کي آرڊر نه ڏنا ويا ته اسان احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.
