سجاول (ڊ ر) سجاول ويجهو ڳيري ۽ ڪينجهر ناليءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف زميندارن جو آبپاشي کاتي جي ناانصافين خلاف احتجاج۔ ان موقعي تي آبادگارن حاجي منٺار لغاري، غلام مصطفي ميمڻ، ابراهيم لغاري، نورالدين مري، شاھد جھتيال، محرم، خير محمد رند، واحد پسيو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ برساتن سبب زراعت جو وڏو نقصان ٿيو آهي مٿان وري آبپاشي کاتي جي ناانصافين سبب پاڻي نہ هئڻ ڪري اسان جو سارين جو ۽ ٻيا فصل سڪي رھيا آھن، هنن چيو تہ ڇھتو لارج جو ھن وقت گيج ٽي فوٽ آهي ۽ ڪينجهر ۽ ڳيري نالي ڇھتو لارج مان ئي نڪرن ٿيون، جڏهن تہ ڇھٿو ۾ ٽي فوٽ گيج هئڻ ڪري اسان جي زمينن کي پاڻي ڏيندڙ ڪينجهر ۽ ڳيري نالين ۾ پاڻي ڏيڍ فوٽ وهي رهيو آهي ۽ ڏيڍ فوٽ پاڻيءَ تي زمينون آباد ڪرڻ ناممڪن آهي۔ هنن چيو تہ ھڪ باثر زميندار پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري نالي مان ذاتي خرچ تي کانٽي کڻائي پنهنجو زمينون آباد ڪري رهيو آهي، جنھن سبب اسين منھن وارن زميندارن وٽ پاڻي نٿو پهچي، هنن چيو تہ پاڻي نہ پهچڻ ڪري اسان جو لکين روپين جو فصل سڪي رهيو جنهن سبب اسان سخت پريشاني جو شڪار آھيون۔ هنن آبپاشي کاتي جي اعلي آفيسرن ۽ آبپاشي انجنيئر کان مطالبو ڪيو آهي تہ ڇھتو لارج کي پنج فوٽ گيج تي پاڻي ڏنو وڃي يا 48 ڪلاڪ جي وارا بندي ڪري اسان کي زمينون آباد ڪرڻ لاء پاڻي فراهم ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج ڪنداسين۔
