ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته زرعي پاڻي مهانگو بڻجي رهيو آهي تنهنڪري اسان کي فصل جي پيٽرن کي تبديل ڪري فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان جو موثر استعمال ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهڻين برساتن، ڏهڪائيندڙ ۽ وڌندڙ گرمي جي صورت ۾ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو عوام موسمياتي تبديلين جو پهريون شڪار ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اندروني بي گهر ٿيل ماڻهو (IDPs) ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مکيه شاهراهن ۽ ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن ۾ ڊينگي، مليريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون پکڙجي ويون آهن. هن چيو ته اسان مريضن کي علاج جي فراهمي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون آهن ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جلد کان جلد بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪري کين مسئلن تي ضابطو آڻي سگهجي.
