حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس آزاد هائوس قاسم آباد ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي جي صدارت ۾ ٿي گذاريو اجلاس ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي,مرڪزي فنانس سيڪريٽري ايڊوڪيٽ عالم زيب ميمڻ,مرڪزي اڳواڻ آزاد عالم لاشاري,مرڪزي اڳواڻ پروفيسر وجود علي شر,ڪامريڊ محبوب حيدر,ڊاڪٽر حسن رضا شر,ڪامريڊ ولي محمد جتوئي,سقلين شر,ڪامريڊ حيدري ۽ ٻيا شريڪ. اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته 7آڪٽومبر تي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سالگراه جي موقعي تي سنڌ ۾ انتظاميه جي نااهلي جي ڪري ٻڏل ۽ تباه حال سنڌ بحالي لاء حيدرآباد ۾ سنڌ بحالي مارچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس کي خطاب ۾ خطاب ڪندي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ کي برساتن ۽ سنڌو جي پاڻي نه پر نااهل انتظاميه ٻوڙيو آهي پاڻئ جا لنگه بند ڪري ڪٽ هڻي پاڻي بيهاريو ويو جنهن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي هارين پورهيتن جا فصل تباه ٿي ويا مزدورن جا گهر ڊهي ويا سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ جي بحالي جدوجهد لاء جي تيز ڪئي ويندي.
