ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ملڪي سيريز لاءِ ٽرافيءَ جو افتتاح ٿي ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٽي ملڪي سيريز جي ٽرافيءَ جون تصويرون شيئر ڪيون، جن ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم، ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ڪيم وليمسن ۽ بنگلاديش جي قائم مقام ڪپتان نورالحسن کي ڏسي سگهجي ٿو. واضح رهي ته قومي ٽيم سيريز ۾ پنهنجي پهرين ميچ 7 آڪٽوبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي. ٽي ملڪي سيريز جي پڄاڻي کانپوءِ قومي ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا رواني ٿيندي.
