اسلام آباد (بيورو) دفاع جي وفاقي وزير خواجه آصف دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي هٿان پيغام اماڻيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته عمران خان هاڻ منٿون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته کيس نومبر جا وسوسا به پيدا ٿي رهيا آهن. نومبر جي خوف عمران خان جو دماغي توازن خراب ڪري ڇڏيو آهي. خواجه آصف چيو ته نومبر جو مهينو آئين ۽ قانون موجب گذري ويندو. آرمي چيف جي مقرري جو عمل هلندڙ مهيني جي آخر يا نومبر کان شروع ٿيندو. استعيفيٰ ڏيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي ايترو وقت ملڻ گهرجي جو هو احترام سان پنهنجن جوانن سان وقت گذاري سگهي. خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي بيان سان مختلف افواهون ختم ٿي ويون آهن، آرمي چيف ڪير ٿيندو ان جو فيصلو اڃان تائين ناهي ٿيو روايتن موجب آرمي چيف جي لاءِ پنج ڄڻن جا نالا ويندا آهن جن مان ڪنهن کي به مقرر ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ پنج نمبرن کان ٻاهر به ماڻهو مقرر ڪيا ويا ۽ سمورا ٿري اسٽار جنرل ان جي لاءِ اهل آهن. عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي خواجه آصف چيو ته عمران خان ڪيس معاف ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو پر ڪيسز ته ان عورت جا معاف ٿيندا جيڪا عمران خان ۽ سندس گهر واري سان گڏ ٽئين ٽرسٽي آهي. عمران خان هميشه منافقت سان ڪم وٺندو آهي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي فوج سان گڏ بيهڻ اسان جو فرض آهي. فوجي آفيسرن جي هيليڪاپٽر ۾ شهادت تي تحريڪ انصاف غلط زبان استعمال ڪئي. دفاع واري وزير چيو ته اسان جي فوج اڄ به دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي آهي ۽ دهشتگردي خلاف اڄ به جنگ جاري آهي. پاڪستان هن وقت ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي پاڪ فوج سان گڏ سموري قوم ٻوڏ متاثرن جي مدد وارن ڪمن ۾ مصروف آهي. چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز الزام لڳايو هو ته ايوان صدر ۾ ڳجهي ملاقات ڪندڙ عمران خان اين آر او گهري رهيو آهي ۽ جڏهن کيس اين آر او نٿو ملي ته هو ٻاهر اچي گوڙ ڪندو آهي.
