عمران خان جي حڪم تي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو: بشير ميمڻ طرفان هيڪر جي ٽوئيٽ جي تصديق

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو آھي تھ عمران خان جي حڪم تي کيس باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو هو. بشير ميمڻ هيڪر جي ٽوئيٽ جي تصديق ڪندي چيو آھي تھ عمران خان جي حڪم تي کيس باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو ۽ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو هيو. بشير ميمڻ موجب عمران خان سندس آڏو مريم نواز خلاف ڪِريل ٻولي استعمال ڪئي، جنهن تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ هن وڏي آواز ۾ عمران خان کي جواب ڏنو. جواب ايڏو سخت هيو جو بس رڳو گار ڏيڻ رهجي وئي هئي. بشير ميمڻ چيو ته منهنجو لهجو ڏسي اعظم خان هٿ پڪڙي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري ڇڏيو، اعظم خان چيو ته وزيراعظم کي ائين پيو چوين. هيڪر ان واقعي کانسواءِ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪيون پر هنيئر تائين انهن ڳالهين جي تصديق ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته بعد ۾ هيڪر پنهنجون ٽوئيٽس ڊيليٽ ڪري ڇڏي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں