نوجوان بالي ووڊ سندري سارا علي خان نئين فلم ”اي وطن ميري وطن“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي. ان بابت ورن ڌون پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي وڊيو اپلوڊ ڪندي اعلان ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته اهو اعلان سارا علي خان جي مخصوص انداز ۾ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته نمستي درشڪو، اهو اعلان آهي اي وطن ميري وطن جي حوالي سان جنهن ۾ آزاديءَ جي جنگ وڙهڻ جو ذڪر هوندو. اها وڊيو سارا علي خان به پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تان شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته هوءَ جلد فلم جي سيٽ تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي.
