نوابشاهه ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو، آچار جي فيڪٽري ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 4 ڄڻا فوت

نوابشاھ(ڊ ر) نوابشاھ جي مريم روڊ واري علائقي ھاشم ٽائون ۾ آچار جي فيڪٽري ۾ ٺھندڙ آچار واري اونھي حوض مان مزدور قاسم کوسو آچار ڪڍڻ لاءِ اندر لٿو تہ گيس سبب ان جو ساھ ٻوساٽجي ويو ۽ بيھوش ٿي ويو جنھن کي بچائڻ لاءِ فيڪٽري مالڪ ناصر ڀٽي حوض اندر لٿو ۽ ان جي پُٺيان سندس ٻہ پُٽ دانش ۽ سلمان ڀٽي لٿا ۽ اھي بہ فوت ٿي ويا جڏھن تہ حوض اونھو ھئڻ سبب علائقي واسين کان لاش نہ نڪري سگھيا بعد ۾ ايڌي وارن ۽ پوليس پھچي لاش ڪڍي پي ايم سي اسپتال منتقل ڪيا جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، انھي واقعي کانپوءِ فوت ٿي ويل فيڪٽري مالڪ جي گھر آڏو سوين ماڻھو وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي ويا ۽ علائقو سوڳ ڇائنجي ويو اھڙي واقعي کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد شھريار گل ميمڻ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي سان گڏجي نوابشاهه جي علائقي ھاشم ٽائون ۾ آچار جي فيڪٽري ۾ چار ماڻھن جي فوت ٿيڻ واري وقعي کانپوءِ فيڪٽري جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته فيڪٽري ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي تمام گھڻو ڏک پھتو آھي فيڪٽري کي فوري طور تي سيل ڪري جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آھي تہ جئين اصل حقيقتون معلوم ڪري سگھجن  ۽ ايندڙ وقت ۾ اھڙن واقعن کان بچڻ لاءِ قدم کڻي سگھجن  ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر اسسٽنٽ ڪمشنر نوابشاهه کي لاڳاپيل فيڪٽري کي فوري طور سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته مڪمل جاچ ٿيڻ تائين فيڪٽري سيل رھندي. ان موقعي تي ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي چيو ته فيڪٽري واقعي جي اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري جاءِ تي پھچي فوت ٿيندڙن جا لاش اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي ھن وڌيڪ چيو ته ضلع انتظاميه سان گڏجي ڪري ضلع ۾ ڪم ڪندڙ غير قانوني فيڪٽرين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو ويندو. ٻئي طرف فوت ٿيندڙن جي وارث عورتون ۽ مرد اسپتال ۽ گھر اندر دانھون ۽ اڇڳارون ڏيندا رھيا لاش گھر پھچڻ مھل گھرن ۾ ڪُھرام مچي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں