ٽنڊوآدم ( ن س ) ٽنڊوآدم ۾ استادن جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پ ٽ الف تعلقي ٽنڊوآدم جي صدر لکاڏنو خاصخيلي پاران گورنمنٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول ۾ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمران نظير شيخ . ڊپٽي ڊي او سانگھڙ سيد عبيدالله شاھ . ٽي اي او سيڪنڊري ميل ٽنڊوآدم علي اڪبر برھماڻي . ٽي اي او سيڪنڊري فيميل علي محمد ڀاڻو . ٽي اي او پرائمري مختيار علي عمراڻي . اسسٽنٽ ايجوڪيشن آفيسر سانگھڙ محمد رفيق ٻجورو . امتياز خاصخيلي . سردار عامر خاصخيلي . ليلارام پريمي . محمد ھاشم ڏيرو . سلطان خاصخيلي سميت استادن . شاگردن . شھر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران نظير شيخ . سيد عبيدالله شاھ . علي اڪبر برھماڻي . لکاڏنو خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته استاد عظيم شخصيت آھي جيڪو پنھنجي محنت ۽ جدوجھد سان معصوم ٻارڙن کي سنواري ٿو معاشري ۾ استاد جي وڏي عزت ۽ مان مرتبو آھي جنھن کي عزت ڏيڻ کپي انھن استادن کي سلام آھي جيڪي پڙھائين به پيا ۽ اسڪولن جي صفائي ۽ سٿرائي جو خيال به ڪن پيا استاد بادشاھ نه ھوندو آھي پر بادشاھ ٺاھي ڇڏيندو آھي ٻارن کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ ۾ استادن جو وڏو ڪردار آھي جيڪي استاد پازيٽو ڪردار ادا ڪن ٿا اھي اسان لاء رول ماڊل آھن ۽ جيڪي استاد نگيٽو ڪردار ادا ڪن ٿا انھن جي ڪابه اھميت نه ٿي رھي اسان جا استاد پنھنجي محنت ۽ جدوجھد ذريعي ٻارڙن کي بھتر تعليم ڏئي رھيا آھن اھڙن استادن کي سلام آھي اسان وٽ تعليم جا تمام گھڻا مسئلا آھن جنھن طريقي سان استاد پڙھائين پيا اھي قابل ستائش آھن اسان سلام پيش ڪريون ٿا اھڙن استادن کي جيڪي ھر شئي قربان ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھن استادن ۽ ٻارن لاء تمام گھڻي بھتري جي ضرورت آھي تعليم جي نظام کي بھتر ڪرڻو آھي ٻارڙن ۾ تمام گھڻو ٽئلنٽ آھي اھو سڀ ڪجھ استادن جي محنت جو نتيجو آھي سرڪاري اسڪولن ۾ غريب ٻار تعليم حاصل ڪري رھيا آھن انھن تي ڌيان ڏنو وڃي استادن کي عرض آھي ته محنت ڪري ٻارن کي پڙھائين موجوده وقت ۾ سنڌ ۾ استادن جي کوٽ ختم ٿي وئي آھي ان ڪري استادن کي گھرجي ته پلاننگ ٺاھي تعليم جي بھتري لاء جوڳا اپاء وٺن تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين تعليم جي حوالي سان تقريرون ۽ مختلف ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو ان موقعي تي 50 غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊريسون ۽ 20 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٿيلھا ورھايا ويا ان کان اڳ مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو کين پ ٽ الف اڳواڻ ۽ ھيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي پاران سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا .
