پنج کان پندرنهن گريڊ واريون سرڪاري نوڪريون غريبن کي ملنديون؟

محمد اسماعيل لانگاھ
پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ميرٽ تي ٿيل ڀرتين کان پوءِ هاڻ سنڌ ۾ هيٺئين گريڊ پنج کان پندرنهن تائين به اميدوارن کي هڪ موقعو فراهم ڪيو پيو وڃي جنهن کي پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ آءِ بي اي سکر جي معرفت ٽيسٽ ورتي پئي وڃي ۽ انهن نوڪرين لاءِ  سنڌ سرڪار گذريل سالن ڪاغذن جي ڪوليفڪيشن خاطر بئنڪ وسيلي چالان پڻ ورتا جنهن ۾ ذريعن موجب سنڌ سرڪار طرفان مختلف کاتن ۾ اعلانيل ڇائيتاليھ هزار نوڪرين جي چالان جمع ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ارب رپيا حڪومت وٽ جمع ٿيا هئا ۽ انهن جي ٽيسٽ ايندڙ مهيني جي آخري تاريخن ۾ ورتي پئي وڃي ۽ هي نوڪريون پهرين خاص ڪري حڪومتي نمائندا پنهنجي من پسند ماڻھن ۾ ورهائيندا هئا پر سپريم ڪورٽ جي اعلان بعد هيٺئين گريڊ جي نوڪري لاءِ به ٽيسٽ لازمي قرار ڏيڻ کانپوءِ ھن ۾ ايترو ٿيندو ته اهل ۽ غريب اميدوارن کي به موقعو ملندو جيڪو پهرين ايئن نه هو ۽ هن نوڪري لاءِ به پڙھيل لکيل نوجوان وڏا ڏوڪڙ رشوت ڏيندا هئا پر نوڪري حاصل نه ڪري سگهندا هئا سنڌ ۾ ڪافي سالن کان پوءِ موجوده پ پ سرڪار طرفان سنڌ جي پڙھيل لکيل بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ جو  هي هڪ نادر موقعو فراهم ڪيو آهي  ته ٻئي طرف پنهنجي لاءِ ڪمائي جو گورک ڌنڌو به پ پ سرڪار سنڌ ۾ پنجين کان 15گريڊ تائين جون نوڪريون آءِ بي اي اداري کان ٽيسٽ بعد نوجوانن کي ڏبيون پر حڪومت جي هن فيصلي تي عمل ٿيندو اهو سوال بيروزگار ۽ اهل نوجوانن لاءِ اهم آهي ڏسجي ته سرڪار  پنهنجي هن فيصلي تي ڪيتري قدر عمل ڪري ٿي پهرين حڪومتن ۾ جيڪي به نوڪريون اينديون هيون ڳجھ ڳوھ ۾ برسر اقتدار حڪومتون پنهنجا ماڻھون کڻي ڇڏينديون هيون يا وري اهي نوڪريون انهن ماڻھن کي ملنديون هيون جنهن وٽ جهجهو پيسو يا سفارش ھوندي هئي, پوءِ انهن نوڪرين جي به ڪنهن کي ڪا ڪل ڪان پوندي هئي نه وري سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي نوڪرين ملڻ جي ڪا اميد هوندي هئي ۽ نه وري ويچارا پنهنجو پيسو زيان ڪندا هئا, حڪومت هاڻ انهن غريب نوڪرين جي آسرن ۾ ويٺل بيروزگار نوجوانن کي موقعو فراهم ڪيو آهي گذريل سال سنڌ ۾ پنج کان پندرنهن گريڊ جي اعلانيل پنجاه هزار نوڪرين جي مد ۾ آءِ بي سکر جي معرفت سنڌ حڪومت يارنهن لک پنجاه هزار چار سئو نوجوانن کان هڪ ارب رپيا چالان وسيلي پڻ وصول ڪري چُڪي آهي.
هنن نوڪرين ۾ سنڌ جي نوجوانن کي ڪيترو آسرو آهي ڇا ٽيسٽ بعد اهل نوجوانن کي نوڪريون ملنديون اهو چوڻ قبل ازوقت هوندو هر اميدوار جي ذهن ۾ اهو سوال آهي ته سنڌ جون نوڪريون ۽ ميرٽ تي ملڻ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي سو به اسڪريننگ ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ نوجوانن کي ٽن سالن اندر جو آسرو ڏنو پيو وڃي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ايترو ڀروسو آهي ته سرڪار سڳوري انهن ڏيڍ لک ماڻھن کان ڦُريل هڪ ارب رپين جيترا آرڊر ڏيندي به صحيح سالن کان بک ۽ بيروگاري جي باه ۾ پچندڙ پڙھيل لکيل نوجوان پراميد نظر نه پيا اچن سنڌ سرڪار بيروزگار نوجوانن جي جان مان هڪ ارب رپيا ڪڍيا آهن پر  نوڪري جو آرڊر هڪ به ڪنهن غريب کي ڪون ملندو يا نه خبر ناهي سنڌ سرڪار سنڌ جي نوجوانن کان جيڪي هڪ ارب رپين جي رقم ڪڍي آهي ان رقم جو ازالو نوجوانن سان ٿيڻ کپي هاڻي پ پ سرڪار جي ذميواري آهي ته سنڌ جي هڪ لک پنجاھ هزار چار سئو اميدوارن مان ڪڍيل هڪ ارب رپين جي رقم مان ڪيترا آرڊ ڪيئن ۽ ڪنهن کي ڏئي ٿي اهو سنڌ جي نوجوان اميدوارن جو سندن اعتماد ئي آهي ته پ پ حڪومت پنهنجي واعدن تي ڪيترو پورو ٿي لهي ڇا پنج کان پندرنهن گريڊ جون نوڪريون غريب ۽ اهل اميدوارن ڏئي سگهندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں