پ پ ملير جو اجلاس،ضمني ۽ بلدياتي چونڊن بابت غور ويچار

ملير(ڊ.ر) پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ضلعي ملير جو اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اين اي 237 جي ضمني چونڊن ۽ 23 آڪٽوبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ ضلعي ملير جي صدر سلمان عبدالله مراد، صوبائي وزير، جنرل سيڪريٽري محمد ساجد جوکيو، اين اي 237 جي ضمني اليڪشن لاءِ پ پ پ اميدوار حڪيم بلوچ، ايم پي اي سليم بلوچ، ايم پي اي يوسف بلوچ، ايم پي ايس شاهينه شير علي، انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر، سٽي ايريا صدر جان محمد بلوچ، مزمل شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.ان موقعي تي سعيد غني چيو ته اسان پنهنجي روايتن کي برقرار رکندي ضمني چونڊن ۽ بعد ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ملير جي عوام هميشه پيپلز پارٽي کي پنهنجي سياسي پارٽي سمجهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين ۽ هن وقت اسان جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملير کي پنهنجو مضبوط قلعو قرار ڏنو آهي. 16 آڪٽوبر 2018ع جي ضمني چونڊن ۾ جنهن ڌانڌلي ڪري سيٽ کٽي هئي ان کي هر صورت ۾ واپس وٺڻو آهي.اسان هميشه عوام جي ووٽن تي يقين رکيو آهي ۽ انشاءَ الله هن ڀيري به عوام جي ووٽن جي طاقت سان ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں