ڄامشورو ۾ استادن جي عالمي ڏهاڙي تي شاندار تقريب

ڄامشورو(ڊ ر) محمد مراد چانڊيو ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ اسڪالرشپ اويئرنيس اڪيڊمي ڄامشورو طرفان استادن جي عالمي ڏينهن مناسبت سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، شاگردن توڙي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر شاھمراد چانڊيو چيو آهي ته جيڪڏهن استاد پنهنجي پيشي سان سچو آهي ته ان کي هر هنڌ عزت ملي ٿي، استاد کي رول ماڊل هجڻ گهرجي، استاد کي پنهنجي شعبي جو ماهر هجڻ سان گڏ سماج سڌارڪ پڻ هجڻ گهرجي، شهرن جي ڪمن ۾ پڻ استاد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ٻين ملڪن ۾ استادن جي برٿي جا اهم شرط هجن ٿا جنهن کان پوءِ استاد کي مقرر ڪيو وڃي ٿو پر اسان وٽ ڪي به اهڙا شرط رکيل نه جنهن ڪري اسان جي تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندي پئي وڃي، شاگردن کي پڻ چاھ سان پڙهڻ گهرجي، رڳو مارڪن ۽ ڊگري لاءِ نه پر سٺو انسان ٿيڻ لاءِ پڙهڻ گهرجي،  تقريب کي خطاب ڪندي غلام علي ٻرڙو چيو آهي ته استاد کي شاگرد جي عزت ڪرڻ گهرجي تڏهن ئي شاگرد پڻ استاد جي عزت ڪندو، استاد جي ذميواري هجي ٿي ته هو پنهنجي شاگرد جي هر ممڪن مدد ڪري، ڊاڪٽر محمد خان سانگهي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪائنات هر وقت ڪونه ڪو سبق ڏيندي رهي ٿي، استاد پڻ هر وقت علم سيکاريندو رهي ٿو، پر بدقسمتي سان اڄ جتي دنيا الائي ڪٿي پهتي آهي اتي اسان صرف انجينئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي چڪر ۾ لڳل آهيون. هن چيو ته اڄ جو شاگرد پڙهڻ کان پهرين ئي پاڻ کي استاد سمجهڻ لڳي ٿو، پر تعليم پرائڻ کان پوءِ ئي هو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. تقريب کي نسيم خان چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر برڪت ٻگهيو، ليکڪ، ناولنگار منير چانڊيو، يوسف راهپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته تقريب جي پڄاڻي ۾ استادن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں