33 کان 39 مارڪون کڻندڙ ماستري جا اميدوار

حسن ناز سومرو
سنڌ ۾ ڌارين ماڻھن لاءِ ته نوڪرين تي ڪنھن به قسم جي پابندي نه آھي پر جي پابندي آھي ته رڳو سنڌي ماڻھن لاءِ آھي، سنڌ اندر لاقانونيت، رشوت ۽ ڪرپشن جي ڪري نه فقط سنڌي ماڻھن سان زيادتين جو سلسلو جاري آھي پر سنڌي ماڻھن کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش به ڪئي پيئي وڃي. سنڌ ۾ 90 سيڪڙو نوڪريون رشوت ۽ سفارش تي ڏنيون وينديون آھن سنڌ ۾ جنھن به کاتي کي ڏسندا ته ان کاتي جون بنديون به ڪتا کڻي چڪا آھن پر افسوس جو سنڌي ماڻھن سان زيادتين جو سلسلو بند نه ٿي رھيو آھي. گذريل ڪجھ مھينا اڳ ۾ سنڌ ۾ ماستري نوڪري جو چوٻول شروع ٿيو ھو سو سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي شعبي ڀرتين جو اعلان ڪيو ھو جنھن ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي لاءِ ٽيسٽ وٺڻ جو ارادو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ سنڌ جي بيروزگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پر رزلٽ اچڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته فقط انھن پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويندا جن 60 مارڪون کنيون ھونديون سو ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪجھ 60 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر به جاري ڪيا ويا آھن پر سنڌ سرڪار جي خيال موجب ته ھن ماستري جي ٽيسٽ ۾ اميد کان گهٽ ماڻھو پاس ٿيا آھن سو ھنن بعد ۾ ھي فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ جن اميدوارن 40 مارڪون کنيون آھن سو انھن کي به پاس سمجهيو وڃي سو سنڌ سرڪار جي ان فيصلي جي به آجيان ڪئي ويئي پر سنڌ سرڪار فراخدلي جو مظاھرو ڪندي اھو به اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ 18 اھڙا تعلقا آھن جيڪي تمام گهڻو پوئتي پيل آھن جن ۾ ڪشمور جو تعلقو تنگواني، جيڪب آباد جو تعلقو ٺل، سانگھڙ ، حيدرآباد، بدين ۽ عمر ڪوٽ ضلعي جا ڪجھ تعلقا پڻ شامل آھن سو انھن تعلقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏنو ويو، انھن تعلقن جي اميدوارن کي 33 مارڪن کان 39 مارڪون کڻندڙ کي به پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن لاءِ ھڪ شرط رکي ويئي ته اھڙن اميدوارن کي 6 ھفتن جي ٽريننگ ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو، سو اھا خبر ماستري جي اميدوارن لاءِ ڪنھن عيد کان گھٽ نه ھئي ۽ اميدوارن خوشي ۾ الله پاڪ جا شڪرانا ادا ڪيا پر جڏھن ٽريننگ جو وارو آيو ته انھن ضلعن جي آفيسرن فقط في ميل اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي ۽ پڻ اھو اعلان ڪيو ويو ته ميل اميدوارن جو جايون ڀرجي چڪيون آھن بس فقط في ميل اميدوارن کي ئي ٽريننگ ڪرائي ويندي سو اھا ڳالھ ميل اميدوارن جي مٿان بجلي وانگر ٿي ڪڙڪي پيئي سو ميل اميد وارن پوري سنڌ ۾ احتجاج جي ڪال ڏيندي ڪراچي ۾ سي ايم ھائوس آڏو ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو. سو سائين اھا ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۾ نوڪريون پئسن تي وڪامنجنديون آھن ھتي مئرٽ نالي ڪابه شيءِ موجود نه آھي، سو جھڙي طريقي سان ميل اميدوارن کي رجيڪٽ ڪري فقط فيل کي ٽريننگ ڪرائي پيئي وڃي سا سراسر زيادتي جي مترادف آھي ڇاڪاڻ ته ھارڊ ايريا سان تعلق رکندڙ اميدوارن ۾ نه فقط في ميل اميدوارن جو حق آھي پر ميل اميدوارن جو به اوتروئي حق آھي. سنڌ اندر تعليم کاتي ۾ جيتري ڪرپشن آھي ايتري ڪرپشن شايد ئي ڪنھن کاتي ۾ ھجي سنڌ ۾ تعليم جي تباھي جو اھوئي ڪرڻ آھي ته ھتي ھڪ پٽيوالي کان وٺي ويندي پرائيمري توڙي سيڪنڊري جي ھيڊ ماسترن تائين ھر ڪم رشوت جي عيوض ئي ڪرائيندا آھن تعليم کاتي جي نوڪري تمام آسان آھن رشوت ڏيو پوءِ ڀلي سالن جا سال اسڪول نه اچو ڪير به پڇڻ وارو ڪونه آھي، بدلي ڪرائڻي ھجي ته به رشوت، جي پي فنڊ ڪڍرائڻو ھجي تڏھن به رشوت، جي پي سلپ حاصل ڪرڻي ھجي تڏھن به رشوت، ريٽائرمينٽ وٺڻي ھجي ته ريٽائرمينٽ جي پئسن مان 2 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي آھي مطلب ته ھتي ھر ڪم پئسي سان ٿيندو آھي سو جڏھن ھر ڪم پئسي سان ٿي رھيو آھي ته پوءِ ھڪ اھل اميدوار کي آساني سان ماستري جو آرڊر ڪھڙي طريقي سان ملي سگھندو…….؟؟ ھن وقت جڏھن ميل اميدوارن کي رجيڪٽ ڪري فقط في ميل اميدوارن کي ٽريننگ ڪرائي پيئي وڃي ته ان جي پٺيان به وڏا راز آھن جي وقت اچڻ سان ظاھر ته ضرور ٿيندا پر ڪرپشن ڪندڙ جي وار کي به لوڏو نه ايندو ڇاڪاڻ ته ان ڪرپشن ۾ ڪوبه ھڪ ماڻھو ملوث نه آھي ان ۾ پوري زنجير ملوث آھي جنھن جي وقت سر تحقيقات ٿيڻ گهرجي. سو ھن وقت ميل اميدوار روڊن رستن تي پنھنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھن پر ھن مھل تائين ھنن جي ڪا به ڳالھ ٻڌي نه پيئي وڃي سو 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوار جن جو تعلق ھارڊ ايريا سان آھي سي پنھنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار آڏو احتجاج ڪري رھيا آھن ته ان لاءِ اسين به سنڌ سرڪار کي گذارش ڪنداسين ته ھن وقت سنڌ ۾ برساتن تباھي مچائي ڇڏي آھي ماڻھن جا گھر، مال متاع لڙھي ويا آھن ٻئي طرف مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ جا پڙھيل لکيل نوجوان دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھن سو انھن کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ لاءِ انھن کي سرڪاري نوڪريون ڏيئي انھن جو ڀرجھلو ٿيڻ گهرجي جڏھن ته سنڌ سرڪار خود انھن علائقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏيئي چڪي آھي سو ھن وقت سنڌي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آھي سو سنڌ سرڪار کي گھرجي ته جيڪڏھن ھارڊ ايريا ۾ به جايون ڀرجي چڪيون آھن ته ھارڊ ايريا جي اميدوارن کي ٻين تعلقن توڙي ٻين ضلعن ۾ ضم ڪري سنڌي عوام جي خمت ڪري نه فقط پنھنجو حق ادا ڪري پر انھن سنڌي ماڻھن جو سھارو بڻجن جن جو الله پاڪ کان سواءِ ڪوبه سھارو نه آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں