ادب جو نوبيل انعام فرانسيسي ليکڪه ايني ايرنو ماڻي ورتو

لنڊن (م ڊ) سال ٻه هزار ٻاويهه لاءِ ادب جو نوبيل انعام فرانس سان واسطو رکندڙ ليکڪه ايني ايرنو کٽي ورتو آهي. سوئيڊس اڪيڊمي پاران ايني ايرنو کي ادب جو نوبيل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ادب جي نوبيل انعام جي فاتح جو فيصلو 18 رڪني سوئيڊس اڪيڊمي ڪندي آهي جنهن ۾ ڪنهن ليکاري جي سڄي حياتي جي ڪيل ادبي پورهئي کي ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي. ايني فرانس جي انساني زندگيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ واقعن/حادثن کي ناول جو روپ ڏيندي آهي ۽ پنهنجي ملڪ تمام وڏي ليکڪه آهي. ايني ايرنو، صنفي، ٻولي ۽ طبقاتي مٿڀيد جو گهرائي سان مشاهدو ڪري انهن جو مختلف رخن کان جائزو وٺي پنهنجي ڪم ذريعي دنيا آڏو پيش ڪري ٿي. ايني ايرنو 1940ع ۾ ڄائي ۽ هن پنهنجو ننڍپڻ هڪ ننڍڙي علائقي يووٽوٽ ۾ گذاريو. هن پنهنجي تعليم رائوين يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ سيڪنڊري اسڪول ۾ درس ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل رهي، جڏهن ته 1977ع کان 2000ع تائينCentre National d’Enseignement par Correspondance پروفيسر طور ڪم ڪندي رهي. ايني 1974ع جو پهريون ناول Les armoires vides شائع ٿيو، پر کيس چوٿين ناول مينز پليس شهرت جي بلدين تي پهچائي ڇڏيو. سندس ٻه ناول اي مينز پليس ۽ اي وومينز اسٽوري کي فرانس ۾ ڪلاسيڪ جو درجو حاصل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں