احمد نواز انقلابي
سنڌ سونهاريءَ ۾ ڪيئي هستيون پيدا ٿيون آهن جن پنهنجي جان جونظرانو ڏئي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي انهن هستين مان هڪ هستي باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جي به آهي. ڪامريڊ جي هوشياري، قابليت، سچائي، خلوص، محبت ۽ سونهاري طبيعت ۾ والدين جو وڏو هٿ هو جن فطري حسن، معصوميت ۽ سونهن کي نکاري نروار ڪيو ۽ هن کي املهه ماڻڪ بنايو يعني مڪمل انسان بنايو. دنيا ۾ دراصل جمال آهي، سونهن آهي محبت آهي سواصل ۾ ڪامريڊ سونهن جو مجسمو محبت جو پرچارڪ هو. ماڻهن جي گڏيل معاشري ۾ سماج ۽ سوسائٽيءَ ۾ ماڻهن جي پاڻ ۾ تعلقن، ڳانڍاپن، حقن ۽ فرضن ۾ سونهن ۽ حسن جو گهورو هو. ان ڪري سماج جي حسن ۽ خوبصورتيءَ کي ڦٽائيندڙن کان نفرت ڪندو هو. هڪ هيرو هو، جواهر هو هن جي سنڌ ڌرتيءَ سان بيحد گهڻي محبت هئي، هي هڪ بلند همت، ايثار جو پيڪر، پرخلوص دل جو مالڪ، انسان دوستيءَ سان سرشار، سچو، بي ڊپو، حقيقت پسند، اعليٰ تعليم يافته ۽ بلند پس منظر واري انسان جي روپ ۾ هڪ ديوتا هو، هو سنڌ جو عاشق هو تنهنڪري کيس جيجل ماءُ ۽ امڙ جي الفاظن سان نوازيو. هي انسانيت جو دوست، هارين محنت ڪشن جو غمخوار، شاگردن جو سرپرست ۽ ڌرتيءَ جو فدائي هو، هن عوام جي عظمت هاري ناري، ڪڙمي ڪاسبي، مزدور محنت ڪش جو بلنديءَ جو نعرو هنيو. جيئي سنڌ جو سدا حيات نعرو به سندس ايجاد آهي. سنڌ جي پورهيتن کي هر قسم جي ڦرلٽ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ نوڪريءَ کي ٺوڪر هڻي عملي ميدان ۾ ڪاهي پيو مظلومن جي ڪري جيل ڪاٽيا مالي ۽ جاني نقصان سٺها حتيٰ ڪه پنهنجي صحت به قربان ڪري ڇڏي. هن کان هارين جي تڪليف ڏٺي نٿي ٿي، پنهنجي پا مال ۽ ٻيڙهيل قوم جي ڳوڙهن جي پيارتي لبيڪ چئي ستايل طبقي جي فلاح وجود جي لاءِ قربانين جي ڀريل سمنڊ ۾ ڪڏي پيو. پنهنجي تن، من کي عقيدت تي قربان ڪري ڇڏيو هن پنهنجي آسپاس ۾ ڦهليل سچائيءَ کي ئي پنهنجي سوچ ۽ فڪر جو محور بنايوءِ حقيقي حقدارن جي سياست ڪيائين سنڌڙيءَ جي سنڌ کي اجڙڻ کان بچائڻ لاءِ سر جي سودي کي به سستو سمجهيو، پاڻ ڪڏهن چارڻ بنجي نستوبن جي دل جي سين هنئي، ڪڏهن راڻو بنجي مومل لاءِ تڙپندو رهيو، ڪڏهن ڄام تماچي بنجي سنڌ جي عظمت لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو ته ڪڏهن هوشوءَ جي للڪار بنجي دشمنن جا هيئان ڏاريا، مطلب ته هن جي جذبي ۾ نيڪي، سچائي ۽ ڀلائي هئي، هن خواهش ۽ آرام کي جيئري ماري پاڻ کي امربنائي ڇڏيو، “هو پنهنجي دور جو سقراط هو”. جتي وڏا وڏا بهادر ميدان ڇڏي ويا اتي به ڪامريڊ گجگوڙيون ڪندو رهيو، جيل جون عقوبتون سٺائين پر ظالم کي ظالم چوڻ کان ڪين رهيو، کهڙي جو دور هجي قاضيءَ جي هسٽري، اسڪندر مرزا جي شاهي ايوب جي مارشل لا ليڪن اصولن جو سودو نه ڪيو سو نه ڪيو. “هن کي ماءُ اها لولي نه ڏني هئي” “اهو تاجدار جنهن جو هر عمل ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي علامت هجي تنهنکي آزاد انسانن جي حڪمران هئڻ جو حق ناهي” اهو نظام جنهن ۾پورهيت، مزدور ۽ غريب طبقو بکيو هجي، اهو نظام جنهن ۾ بيڪار ۽ بدڪار دولت جي ڪري شريف هجي ۽ محنت ڪش ذليل هجي جتي انسانيت جي بيحرمتي ٿئي اهڙو نظام غلط آهي اهڙو نه گهرجي ان کي بدلائڻ گهرجي” ڪامريڊ اهو طئي ڪيو هو ته آزادي حاصل ڪرڻ جو طريقو هي هجي ته “قوم ۽ وطن جي غدار جاگيردارن کان جاگيرون ڦري، ڪارخانيدارن کان ڪارخانه ڦري ۽ انهن وٽ غلام در غلام بنايل هاري ۽ مزدورن کي آزار ڪرائي انهن زمينن ۽ ڪارخانن جو مالڪ بنائجي” جنهن لاءَ عملي طرح به ڪري ڏيکاريو 50 لک ايڪڙ زمين هارين کي ڏيارياسين، هارين جو حق ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين ڪوٽڙي بئراج جي زمين لاءِ به تحريڪ هلائي هزارين هارين کي زمين ڏياري ون يونٽ ٽوڙائڻ ڀرپور تحريڪ هلايائين. ڪامريڊ جنهن هارين جي مفاد جي تحفظ خاطر پرماري طبقن، بنجابين، پناهگرين، فوجي بيوروڪرٽين زميندارن ۽ جاگيردارن سان ٽڪر کاڌو هو تن کيس سدائين تڪليفون ڏنيون ۽ سک سان ويهڻ نه ڏنو. سلام آهي اهڙي هستيءَ کي جنهن آرام ڪرسي ڇڏي هارين سان پٽ تي ويهڻ قبوليو پر پنهنجو اصول قربان نه ڪيو. حيدر جو روح اڄ به زنده آهي وطن جي نوجوانن کي نونهال هارين کي، محنت ڪشن کي، مظلومن کي، معصومن کي پڪاري رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته اٿو اٿي سامراجي طاقتن جو تختو الٽيو، انهن محلاتن کي مسمار ڪريو جن ۾ انسانن کي غلام رکڻ جا منصوبه تيار ڪيا وڃن ٿا! ڪامريڊ جو روح سنڌ جي هوائن ۾ سدائين جيئرو رهندو ۽ ڪيترن قبيلن کي تپش، ڪيترن جسمن کي مسيهائي ڪندو رهندو” ڇو ته سنڌ جو هي روح جيڪو خاڪي پيري کان آزاد ٿي ويو آهي مگر فضائن ۾ گهمي رهيو آهي ۽ انقلاب طرف سڏي رهيو آهي ته اچو اچي منهنجي روح کي راحت ڏيو مسڪينن ۽ غريبن جا هڏ ڏوکي ٿي ملڪ جي خدمت لاءِ پاڻ پتوڙڻ وارن سان گڏجي پاڻ پتوڙو، ظالمن، ٺڳن ۽ ڦورن جي ٽولن کي ڀڄائي سنڌ کي آزاد ڪريو ۽ سرسبز ۽ شاداب ڪريو وقت اوهانکي پڪاري رهيو آهي وقت سان ساٿ ڏيو ته ڄڻ ته توهان پنهنجو حق ادا ڪيو ورنه پڇتائيندا رهندئو.
