حيدرآباد ( پ ر) استادن جي عالمي ڏهاڙي تي گسٽا طرفان حيدرآباد انڊس هوٽل ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.تقريب جي صدارت گسٽاجي مرڪزي جنرل سيڪريٽري حسين بخش خميساڻي ڪئيمهمانن ۾ اعجازکوسو،مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري ، شھزادي ڀرڳڙي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ، غلام قادر کوسو، رڍبطه سيڪريٽري سميت تعليمي ماهر سيد معظم شاه هئا.جڏهن ته گسٽا طرفان استادن جي بهترين ڪارڪردگي تي مڃتا سرٽيفڪيٽ سميت گلاب جا گل ورهايا ويا ۽ احتجاجن طور تي استادن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي رٿيل تقريب ۾ استادن ڪاريون پٺيون ٻڌي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو هو تقريب ۾ مقررين خطاب ڪندي چيو ته هرسال5آڪٽوبرتي سڄي دنيا استادن جي ذميوارين، حقن ۽ قدرن کي اجاگر ڪرڻ لاء استادن جو عالمي ڏينهن ملهائي ٿي.اهو ڏينهن سڄي دنيا ۾ استادن کي اعزاز سان نوازيو ويندو آھي انهن جي ملڪن جي معاشي ترقي ۾ انهن جي اهم ڪردار جي لاء تعليم مهياڪندي جيڪا ماڻھن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهي ۽ تقريب جو حوالو رهي ٿو. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪورونا سبب جي ڪري تعليم تي تمام وڏو اثرپيو ۽ تعليم بحران۾رهي هئي ڪيترائي ئي تعليمي نظام اڃان تائين اهم رڪاوٽن کي منهن ڏئي رهياآھڻ ، اسڪول مڪمل يا جزوي طور تي بند آھن 2022 استاد جو عالمي ڏهاڙو ان حمايت تي ڌيان ڏئي رهيو آھي ته استادن کي مڪمل طورتي بحالي واري عمل ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت آھي.تقريب کي خطاب ڪندي استادن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ضلع 2012 جي استادن سان ٿيندڙ ناانصافي جي خلاف گسٽا سنڌ جي طرفان نه صرف انهن استادن جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي پر جيڪڏهن انهي مسئلي کي حل ڪرائڻ جي لاءِ عدالت ۾ قانوني جنگ به وڙھي ويندي ۽ جيڪڏهن احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت پئي ته ڀرپور نموني سان سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو.آخر ۾ استادن چيو ته . استادن جي عالمي ڏينهن تي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم گذارش ڪندي اپيل ڪئي آھي ته 10 سالن کان پنهنجي اسڪولن ۾ ريگيولر ڊيوٽي ادا ڪندڙ ۽ تعليم ڏيندڙ استادن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جيڪا سراسر زيادتي آھي جنهن ڪري اپيل ٿا ڪيون گسٽا سنڌ جي طرفان ته انڪوائري ڪرڻ وارو جاري ڪيل ليٽر منسوخ ڪيو وڃي ته جيئن پرامن ماحول ۾ 2012 جا نوجوان استاد پنهنجو تعليمي سرگرميون جاري رکي سگهن.
