عمران خان ۽ قومپرست ٻوڏ تي سياست ڪن پيا، سمورا وسيلا ٻوڏ متاثرن جي امداد تي لڳائي ڇڏيا آهن: بلاول

ڪراچي (بيورو) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ برطانيا جيتري زمين جو حصو پاڻي هيٺ آهي. ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ نثار کهڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سبب ڪورونا کان وڌيڪ معيشت تي اثر پيو آهي پر سنڌ سرڪار ڏينهن رات ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻوڏ سبب چاليهه لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، سمورا وسيلا ٻوڏ متاثرن جي امداد تي لڳائي ڇڏياسين، ٻوڏ جو پنجاهه سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي، پاڻي جي مڪمل نيڪالي کانپوءِ اصل نقصان جو ڪاٿو لڳائي سگهبو. هن چيو ته ڪراچي ۾ تاريخي برساتون پيون، انفراسٽرڪچر کي نقصان رسيو، ڪراچي ۾ برساتن سبب ٿيل نقصان ٽيهه ارب ڊالر واري نقصان کان ڌار آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ڏانهن وڌئون ٿا ته لڳي ٿو ته الڳ ملڪ آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ٻه پاڪستان هجن، هن وقت اسان کي سياست جو ناهي سوچڻو، ڪجهه ماڻهو سازشون ڪري رهيا آهن، عمران خان ۽ قوم پرست ڌريون ٻوڏ جهڙي سنگين صورتحال تي سياست ڪري رهيون آهن، منهنجي سمورين سياسي ڌرين کي اپيل آهي ته هن وقت صبر ڪن، سياسي مقابلو ٿيندو پر هن وقت اسان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻي آهي. پ پ چيئرمين وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته شهباز شريف سڄي ملڪ جي مالڪي ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان جو هن سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا دورا ڪيا ۽ مدد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ٻوڏ سبب معاشي ۽ زرعي مسئلن ڪُر کنيو آهي، اسان کي هڪ قوم ٿي سانحن جو مقابلو ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته يو اين سيڪريٽري جنرل جنرل اسيمبلي اجلاس کان اڳ ئي پاڪستان پهتو، جنهن تي سندس ٿورائتا آهيون جو هو مصروف هئڻ باوجود اسان وٽ آيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عالمي برادري آڏو ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٿيندڙ تباهي جو ڪيس پيش ڪيو، امير ملڪن امير ٿيڻ لاءِ اسان تي ٻوجهه وڌو ۽ موسمياتي تبديليون آيون، اسان عالمي برادري کان خيرات نه انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان جي جنهن حڪومت کي ڪير نٿو مڃي انهن سان رابطو رکڻ اسان جي مجبوري آهي اتي جيڪي فيصلا آمريڪا ڪيا ان جي نتيجي هو اتي حڪومت ۾ آهن، اسان نٿا چاهيون ته هڪ ڀيرو وري اتان مهاجرن جا ڪٽڪ پاڪستان اچن، اسان نٿا چاهيون ته اتان جي معاشي تباهي جا نقصان پاڪستان ڀوڳي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں