عورت جج کي ڌمڪين وارو ڪيس: عمران خان جي عبوري ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو) عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي لاءِ اسلام آباد جي عدالت پهتو جتي سندس اچڻ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. پوليس ۽ ايف سي کان علاوه عمران خان جو اسپيشل سيڪيورٽي اسٽاف به اسلام آباد عدالت پهتو. سيشن جج ڪامران بشارت عمران خان جي وڪيل بابر اعوان طرفان داخل ڪيل عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت مختصر ٻڌڻي کان پوءِ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ضمانت 13 آڪٽوبر تائين منظور ڪري ورتي. عدالت 50 هزار روپين جي مچلڪن عيوض عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں