ملير (ڊ.ر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ملير ضلعي سميت ڪراچي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جي سرڪاري امداد نه ٿيڻ خلاف ڊي سي ملير جي آفيس آڏو ڌرڻو، 16 آڪٽوبر ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان، احتجاج ۾ ايس يو پي، ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسم ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي شرڪت، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌ حڪومت پوري دنيا کان مليل امداد ۾ به ڪرپشن ڪئي آهي، ٻوڏ متاثرن جو سامان وڏيرن جي اوطاقن تي رکيو ويو آهي، اسان گڏيل قومن جي اداري کان مطالبو ٿا ڪريون ته هو پ پ جي هن بدديانتي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪري، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي چيو ته سڄي سنڌ کي پ پ جي نااهلي جي ڪري دربدر ٿيڻو پيو آهي، ٻوڏ متاثر ڪئمپون به بي يارو مددگار آهن، متاثرن جي ڪو به واهر نٿي ڪئي وڃي، ڊي سي ملير ضلعي ۾ ترسيل متاثرن کان صفا لاتعلق بڻيل آهي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ منان شيخ چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن تي ڪي به سهولتون ناهن، ڳورهاريون عورتن کان ويندي پيرسن، ٻار توڙي عورتون بيمارين ۾ ورتل آهن، ڪراچي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن سان حڪومت جو رويو انتهائي لاتعلقي جهڙو آهي، هر ضلعي جي ڊي سي کي ڪروڙن رپئن جي بجيٽ ڏني وئي پر سڄي سنڌ هڪ رپئو به خرچ ٿيندي نظر نٿو اچي، اسين سنڌ حڪومت کي چتاءُ ڏيون ٿا ته هو فوري طور متاثرن جي مستقل بحالي لاءِ اپاءَ وٺي نه احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، جسم اڳواڻ شوڪت سومري چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ لٽڻ بعد هٿ سان ٻوڙي ڇڏيو آهي، دنيا مان ملندڙ امداد به ڦٻائڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته احتجاج ۾ منير مگسي، عبدالزاق شر، ڊاڪٽر علي نواز گبول، ستار ڏاهري ۽ ٻين شرڪت ڪئي،
