نوابشاهه ۾ منشيات فروشن خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه(ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي تاج ڪالوني جي رهواسي عورتن ۽ مردن پاران منشيات فروشن جي ناانصافين خلاف زخمي ڏنل کوسو، ارشد علي، نصرت ھاشمي، ثمينه خان، شبانه کوسو، صنم، ڪوثر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آھي ته بااثر ساوڻ زرداري، نياز زرداري، صابر زرداري، صابر زرداري، جاويد زرداري ۽ ٻيا منشيات جو ڪاروبار ڪندا آھن، جڏهن ته اسان جي منع ڪرڻ جي باجود به اھي نٿا مڙن، ھنن چيو ته گذريل ڏينهن مذڪورہ بااثر اسان جي گھر جي سامھون نشو ڪري اسان کي تنگ ڪري رھيا ھئا ۽ اسان جي منع ڪرڻ تي انھن تي حملو ڪري اسان جي گھر تي چڙھائي ڪئي ۽ اسان جي نوجوان کي زخمي ڪيو جيڪا اسان غريبن سان ناانصافي آهي، ھنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پوليس وٽ شڪايت ڪئي آھي ليڪن پوليس منشيات فروشن کان رشوت وٺي انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته مذڪورہ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں