رياض ابڙو
نومبر 2019 ۾ سپريم ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ اهو چيو هيو ته سرڪاري ملازم جيڪو عمر جا 60 سال پورا ڪري وڃي ان کي وري ٻئي ڊپارٽمينٽ ۾ يا ساڳي ڊپارٽمينٽ ۾ ايڪسٽينشن نه ٿو ڏئي سگهجي ان ڪري اها ساڳي ڳالھ يا فيصلو آرمي جي شخصن تي به لاڳو هيو (يا لاڳاپيل هيو) ۽ ان ٽائيم تي بحث اهو به هيو ته آرمي چيف کي ايڪسٽينشن نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ ان ساڳي تناظر ۾ اها ڳالھ سپريم ڪورٽ تائين وڃي پڳي ۽ ساڳي فيصلي جو اطلاق وري ٽنهي فوجي ادارن جي چيف تي به لاڳو هيو ۽ ان فيصلي مطابق ڪنهن به طرح ايڪسٽينشن نه پئي ڏئي سگهيو ٿي، پر ان ڳالھ يا فيصلي تي ان وقت جي حڪومت (پي ٽي آءِ سرڪار) تمام وڏي وڪڙ ۾ ڦاسي پئي هئي ته آخر ان جو ڪو حل ڪڍجي پوءِ عمران خان جي دورانديشي ۽ سياسي بصيرت ڪم ڏيکاريو ۽ پي ٽي آءِ وارن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني (۽ صلاح) تي اهو عسڪري شخصن جي ايڪسٽينشن وارو بل اسيمبليءَ مان پاس ڪرايو ۽ ان ڳالھ جو به يقين ڪيو ته اهو ايڪسٽينشن ڪيترن مهينن جي لاءِ (يا ڪيترا دفعا جهڙو سوال رهيل هيو) يا ڪيترن سالن جي لاءِ هوندو، پر پي ٽي آءِ جي اها زبردست ڪوشش هئي ته ڪهڙي به طرح اهو بل پاس ڪرائجي ۽ پي ٽي آءِ جي سچي نيت جي ڪري اهو بل فورن قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ مان پاس به ڪرايو ويو هيو ۽ عمران خان پاڻ ٽن سالن تائين جو ايڪسٽينشن وري ڏئي پاڻ آجو ڪري ويهي رهيو هيو ۽ ان ٽائيم تي عمران خان پنهنجو اهو ٽينشن به لاهي ڇڏيو هيو، ان ڪري جو ان وقت عمران خان جا عسڪري شخصن سان وڏا رازنياز هوندا هيا يا پاڻ عمران خان آيو به ئي انهن جي آسري هيو ۽ ويو به ائين سڀني سان وڙهندو ۽ اهڙي طريقي سان ان وقت معني نومبر 2019 ۾ آرمي چيف کي فورن ايڪسٽينشن ملي ويو هيو. اهو ايڪسٽينشن ان ڪري به ممڪن هيو ته عمران خان ان وقت سڀني سياسي پارٽين (جيڪي اتحاد ۾ هيس) ۽ عسڪري شخصن سان راضي هيو سواءِ 13 چور پارٽين جي، ان ڪري ته اهي پارٽيون يا ڪا به مخالف پارٽي وقت جي سرڪار سان ڪڏهن به ناهن ٺهنديون ۽ اهي چاهنديون آهن ته جيڪي به سرڪار جا ڪم ٿين يا حڪومتي جيڪي به ڪاروهنواريون هلنديون هجن ته گھٽ ۾ گھٽ اهي مخالفن کان پڇي ڪن يا مخالفن سان مشاورت ڪري هلائن، ان ڪري اها مشاورت واري شيءِ ان وقت به ممڪن نه هئي ۽ هاڻي به ممڪن ناهي، يا تلخ حقيقت اها به آهي ته مخالف سدائين اهو سمجهندا آهن ته وقت جي سرڪار جي عسڪري شخصن کي ايڪسٽينشن ڏيندي رهندي ته سرڪار پنهنجو ايندڙ ٽينيوئر به پڪو ڪري وٺندي، ان ڪري هاڻي به ساڳي ڳالھ آ پر ڳالھ اها به آهي ته عمران خان ته عسڪري شخصن سان ڦٽائي ۽ چپڪلش ڪري نڪتو ان ڪري عمران خان ڪا ڳالھ نه ٺهي ٿي نه ئي ڪنهن کي پسند به آهي ۽ ان ضد بحث ۾ عمران خان سمجهي ٿو ته ايڪسٽينشن يا نئين اپوانٽمينٽ جيڪڏهن وزيراعظم شهبازشريف پنهنجي صوابديد ۽ مرضيءَ سان ڪئي ته هنن پي ٽي آءِ وارن جي لاھ نڪري ويندا ۽ ايندڙ عام چونڊن تائين پي ٽي آءِ وارا اهو به سمجهن ٿا ته عمران خان جي مٿان لٽيڪل ۽ محفوظ ڪيل ڪورٽن جي فيصلن جي تلوار جي ڍلي ٿي پئي (حلانڪي آرٽيڪل ”62 ون ايف“ کي ڪورٽون ڪارو قانون ٿيون چون، جنهن ۾ سياستدان پنجن يا ڏهن سالن لاءِ نااهل ٿي ٿا وڃن) ۽ جيڪڏهن اهي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌايا ويا ته هي پي ٽي آءِ وارا وري ان نور کان به ويندا، انهن فيصلن ۾ نااهل ٿي وڃي يا پوءِ انهن فيصلن جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي هي پي ٽي آءِ وارا وري داوَ تي لڳي وڃن، ان ڪري عمران خان چپ ڪري نه ٿو ويهي سگهي ۽ هر ٻئي ڏينهن تي ايڪس واءِ جا نالا کڻي ويٺو ٿو عسڪري قوتن کي چاڙائي يا سياسي ميدان کي هروڀرو گرم ٿو ڪري پر ٿيندو اهو جيڪو شهبازسرڪار چاهيندي يا جيڪو شهبازسرڪار کي صحيح لڳندو.
هاڻي پي ٽي آءِ سان ڪنهن به ڳالھ جي ۽ ڪنهن به سياسي مامري تي مشاورت ان ڪري به نه ٿيندي جو اهي ان ٽائيم تي آپي کان ٻاهر ٿي ٿا وڃن جڏهن انهن جي مٿان آشرواد هجن ٿا يا سمجهن ٿا ته رستا نروا آهن ۽ هاڻي آساني آ ته اسٽبلشمينٽ جي هٿي سان يا عسڪري ادارن جي زور تي وري چورچور ڪجي، پر جڏهن اهڙا آشرواد عمران خان تان هٽن ٿا (يا خان کان منهن ٿا ڦيرن) ته هي پي ٽي آءِ وارا وري هاءِ گهوڙا ڪندا ٿا وتن، يا جڏهن خان وارا پاڻ ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا مشاورت نه ڪندا هيا ته هاڻي وري ٻيا هنن سان ڪهڙي سياسي اشوءَ تي مشاورت ڪن وتندا، مثال اليڪشن ڪڏهن ۽ ڪهڙي ٽائيم تي ممڪن آ يا بلدياتي چونڊون ٿينديون يا نه، يا آدمشماري ڪڏهن ٿيندي يا ڪيئن ٿيندي، اليڪشن جا طريقي ڪار ڇا هوندا، آمريڪا سان واسطا وڌايون يا نه، ڀارت سان ڪيئن ڳالهيون ممڪن ڪجن، روس سان واپار شروع ڪجي يا نه، چين سان لاڳاپا ڪيئن هلائجن يا سڌا رکجن، يا آرمي چيف ڪهڙو هجڻ گهرجي آرمي شخصن کي ايڪسٽينشن ملڻ گهرجي يا نيون اپوانٽمينٽ ڪنهن جي ڪجي يا هاڻي ملڪ ۾ ٻوڏ آئي ته ان جا ڪي حل، ڏَسَ پَنڌَ يا هيلا وسيلا ڪهڙا هجڻ کپن يا مهانگائي جو جن ڪيئن قابو ڪجي، پر جڏهن خان پاڻ سرڪار ۾ هيو تڏهن اهي اندروني ۽ بيروني اشوز هيا ۽ هاڻي به آهن ۽ رهندا ان ڪري سياست کري ۽ سچي ڪجي. پر عمران خان ته ان ڊڄ ۾ هيو ته هو ڪنهن به طرح آرمي چيف کي فورن ايڪسٽيشن ڏئي ۽ ڏئي ڇڏيائين ڇڏيائين پر هاڻي سوال ته وري اهو آ ته ٻيهر يا ٽيهر يا ڪيترا دفعا، يا ان وقت نوازشريف جي ٽيم سميت سڀئي سياسي ڌريون ان ڳالھ تي راضي نه هيون ته ڪنهن به طرح آرمي چيف کي ايڪسٽينشن ڏيڻ گهرجي ڇو ته ائين ڪرڻ سان مخالف ڌڌر وارا اهو پڪو سمجهيون ويٺا هيا ته هي عمران خان وري پنج سال ٻيا به ڪرسيءَ کي چبڙيو پيو هوندو ۽ ائين ڪرڻ سان عمران خان کي وري رستا مهيا ٿي ملندا ان ڪري ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ان ڪري 13 سياسي پارٽيون پي ڊي ايم جي صورت وري هڪ اهڙي پليٽ فارم تي گڏ ٿيون جن وري 17 آڪٽوبر 2020 تي گجرانوالا ۾ جلسو ڪري اهو ثابت ڪيو هيو ته اهي نه ئي اسٽبلشمينٽ مان خوش آهن نه اهي عمران خان جي سرڪار مان ۽ نه ئي عسڪري ادارن يا شخصن مان ان ڪري ڪنهن به طرح وري راضي به ناهن ۽ نه ئي اهي چاهن ٿيون ته آرمي چيف کي ڪو ايڪسٽينشن ملي ان ڪري اهڙي ايڪسٽينشن وري پي ڊي ايم جي 13 سياسي پارٽين کي ٽينشن ڏئي ڇڏيا هيا ان ڪري ڳالھ وري ساڳي ڦري بيٺي آ ته هاڻي 13 پارٽيون راضي آهن پر عمران خان راضي ناهي ان ڪري جو هن شخص وزيراعظم هائوس مان عزت سان ٽپڙ ڪو نه ويڙهيا هيا پر ان ڇڪ تاڻ ۾ هن آرمي چيف کان وٺي اسٽبلشمينٽ جي ڪاوڙ کي به ڏٺو يا منهن واري کائي نڪتو ان ڪري جو عمران خان کي اهڙي اڻ ٿيڻي اڻبڻت مان واضع ٿي ويو هيو ته ٻيو ٽينيوئر ڇا هن جي لاءِ پهريون ٽينيوئر پورو ڪرڻ به عذاب بڻجي ويندو. يا هيل تائين آرمي جي شخصن جا سياسي ايڪسٽينشن به ٽينشن ثابت ٿيا آهن مثال صدر جي ٻه ٽينويئر هلي ويو ته وري عوام ۾ اهڙي ته سياسي هاءِ گهوڙا لهي ٿي اچي جو چانھ کان وڌيڪ پيالي گرم، يا هيل تائين جيڪي به عسڪري دور رهيا اهي ڏھ ڏھ سال هڻي ويا پر جيڪي شيون آئيني آهن اهي هلڻ گهرجن يا جنهن جي صوابديد ۽ قانوني حق يا آئيني پاور آهن هي صدر، وزيراعظم يا عسڪري ادارا ڪري سگهن ٿا پر انهن معاملن تي پي ٽي آءِ وارن جي ننڊ ڦٽل آ ته جي هاڻوڪي آرمي چيف کي ايڪسٽيشن ملي ويو ته هنن جا ته لاھ ئي نڪري ويندا ان ڪري ”ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا“ هي سمجهن ٿا ته پڪ سان مٿيون ٽينيوئر هنن جو هوندو ان ڪري هاڻي جي هن آرمي چيف کي ايڪسٽينشن مليو ته اهو وري پنج سال هلي ويندو ۽ 2023 واري اليڪشن ۾ هي جي نه نه آيا يا ڪنهن سان گڏ مخلوط حڪومت ٺاهڻ ۾ ٺهي سگهيا ته هي ان نور کان به ويندا، ان ڪري هاڻوڪين معافين، آزين ۽ نيازين ۾ اها ڳالھ قطعن ثابت ناهي يا نتيجو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته سڀاڻي ڪنهن هڪ پارٽيءَ کي واضع اڪثريت ملندي به پر ٻئي پاسي اها ڳالھ به مڃڻ گهرجي ته اليڪشن ملڪ جي سڌاري يا ترقيءَ جي قطعن ضامن ناهي ان ڪري هڪڙا ته آزمائجي ويا جن (پي ٽي آءِ) وارن کي اسان سمجهون پيا ته اهي اڪ ڪارا ڪندا انهن ته ڪجھ به نه ڪيو هاڻي اسٽبلشمينٽ به ان ڳالھ کي سمجهي ٿي ته ”سکڻي ڪني گھڻو اڀامي“ يا جنهن اسپيڊ سان نون ليگ وارن جا ناڪردھ ڏوھ ڪوڙا ثابت ٿا ٿين ان اسپيڊ سان وري مٿين ليول جا فيصلا به ممڪن ٿا ٿين ان ڪري آرمي چيف جي ايڪشٽيشن جي حامي ته سعودي سرڪار به ڀري ڇڏي آ ان ڪري جو نوازشريف جو ڪنيڪشن يا سعودي حڪومت سان ته سڌو رهي ان ڪري هاڻي نوازسرڪار جي وزيراعظم جي صوابديد ۾ اها ڳالھ به شامل آهي.
