ڀرياسٽي (ن س) ڀرياسٽي جي انصاف هائوس تي تعلقـ جنرل سيڪريٽري عابد علي راجپوت جي اڳواڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي 70 ھين سالگرھ ملھائي وئي سالگرھ تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ پارٽي ورڪرن ۽ عھديدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن عابد علي راجپوت وحيد قادري نواب ميمڻ يوسف ابراھيم سومرو عاشق ميمڻ غلام سرور راجپوت صدام ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اڄ عمران خان جي سالگرھ ملھائي رھيا آھيون عمران خان ملڪ ۾ تبديلي سان گڏ عوام ۾ شعور ڏنو ۽ انٽرنيشنل ليول تي پاڪستاني عوام جو ڳاٽ اوچو ڪيو ھنن چيو ته نواز شريف ۽ ذرداري ھڪ سڪي جا ٻـ پاسا آھن ھنن عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو آھي اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن پاڪستان جو عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر عمران خان کي ٻيھر وزيراعظم بڻائيندو.
