چوهڙ جمالي؛ رورل هيلٿ سينٽر جي ملازمن جو پگهارن لاءِ مظاهرو

چوهڙ جمالي(ن س)رورل هيلٿ سينٽر چوھڙجمالي م مرف جي سروس رينڊر بيس ملازمن پاران گذريل پنجن مھينن کان پگھارون بند ڪرڻ ء ھيلٿ کاتي جي حڪم ۽ ڊي ايڇ او پاران ملازمن کي ڪنھن به کاتي ۾ ضم نه ڪرڻ خلاف اسپتال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو .پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪندي ڊاڪٽر اقبال کٽي.اڪرم شاھ. دائي رحيمان. عائشہ. وسيم ميمڻ ۽ ٻين چيو ته اسين مرف م ملازم ھئاسين مرف ھيٺ ھلندڙ رورل ھيلٿ سينٽر  کي سنڌ حڪومت پي پي ايڇ آئي جي حوالي ڪري ڇڏيو.پر گذريل پنجن مھينن کان اسان جون پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھن.جنھن سبب اسان جي گھرن م فاقہ ڪشي جي زندگي گذاري رھيا آھيون.ھنن چيو ته سنڌ حڪومت جي چوڻ باوجود ڊي ايڇ او ظلم ڪري اسان کي ڪنھن به کاتي م ضم نه ڪيو آھي.ھنن چيو ته ڪيترا ڀيرا شڪايتن باوجود تدارڪ نٿو ٿئي ھنن چتاؤ ڏيندي چيو ته ٻن ڏينهن اندر رھيل پگھارون ڏياري ھيلٿ جي ڪنھن کاتي ۾ ضم ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت م ٻن ڏينهن کان بعد پوري ضلع جي اسپتالن ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں