ڪوٽڙي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

ڪوٽڙي سائيٽ ن س) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ڪوٽڙي سائيٽ ڊي سي آفيس ڄامشورو جي گيٽ جي اڳيان مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ديدار شام اصغر سولنگي درياء خان لغاري شبير ساند شبير ٻنگ,امير بخش جھتيال,طارق سومرو جي ايم شورو سميت سوين دوستن شرڪت ڪئي اڳواڻن خطاب ڪندين چيو ته پوري سنڌ کي ھٿ سان ٻوڙائي سنڌ جي عوام کي دربدر ڪيو ويو آھي 3مھينن کان وٺي ٻوڏ متاثر روڊن تي دربدر آھن سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آھي جيڪو راشن ملي ٿو اھو به وڏيرا پنھنجي نوازي ڪيو ويٺا آھن اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن انھن کي فري طور گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ھارين لاء ٻج ڪلر فري ڪيو وڃي ذميندارن کي بغير وياج جي قرض ڏنو وڃي جتي ھن ٽائم پاڻي ختم ٿي چڪو آھي اتي جي متاثرن کي فوري طور مھيني جي راشن سان گڏ ڪجھ رقم ۽ ٽرانسپورٽ مھيا ڪيو وڃي جنھن علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي اتان پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪيو وڃي اڳواڻن خطاب ڪندين چيو ته پيپلس پارٽي ڪرپٽ ترين پارٽي ٿي چڪي آھي سنڌ جي عوام کي ھاڻ سجاڳ ٿيڻ گھرجي پيپلا پاڪستان جي ٻين صوبن مان شڪست کائي اچي سنڌ ۾ محدود ٿيا آھن سنڌ جو عوام ھاڻ پيلن مان جان ڇڏائي يا صفا غلامي ۾ ھليو وڃي اڳي ڪندا ھوا لاشن تي سياست ھاڻ ڪن ٿا راشن تي سياست سنڌ واسيو سجاڳ ٿو ھاڻ اھڙيون برساتون مسلسل ھلنديون موسميات کاتي وارن اگڪٿي ڪري ڇڏي آ مٿئين سال اڃان وڌيڪ مينھن پئجي سگھن ٿا مٿئين سال ان کان وڌيڪ ظلم ڪندا يا برداشت ڪيو يا ھاڻ مضاھمت ڪيو فيصلو اوھان جي ھٿ ۾ آھي اسان ھڪ باغيرت قوم آھيون اسان جي ٻچن ننگن ڏي ڪير ڏسندو آھي ته اسان انھن کي قتل ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا آھيون اڄ اسان جا ٻچا ڀينر مائرون دربدر آھن روڊن تي ويٺل آھن ڪجھ سوچو ھاڻ اوھان کي نئين سنڌ اڏڻ جو موقعو مليو آھي اڳيان اچو انھن ڪرپٽ ڀوتارن سان مھاڏو اٽڪايو انھن جي رستا روڪ ڪيو.پنھنجا نسل بچايو پنھنجو اولاد پڙھايو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں