اسلام آباد جي احتساب عدالت اثاثن واري ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ 10 لک روپين جي مچلڪن عيوض اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪيا ويا آهن. اڄوڪي ٻڌڻي ۾ اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو. اسحاق ڊار جي وڪيل قاضي مصباح عدالت کان اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ مستقل طور تي رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. وڪيل چيو ته اسحاق ڊار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو آرڊر به ختم ڪيو وڃي. اسحاق ڊار هاڻ عدالت جي سامهون موجود آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير چيو ته ڇا نيب پاڻ به اسحاق ڊار جا ڪي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.؟ جاچ آفيسر نادر عباس جواب ڏنو ته اسان وارنٽس جاري ڪيا هئا پر اهي معطل ٿي ويا هئا. عدالت صرف اسحاق ڊار جي حاضري لاءِ وارنٽس جاري ڪيا هئا. عدالت نيب کان سوال ڪيو ته هاڻ اوهان جو ڪهڙو موقف آهي. وارنٽس رد ڪيا وڃن يا نه.؟ نيب پراسيڪيوٽر به وارنٽس رد ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. ڇا عدالت جو وارنٽ صرف اسحاق ڊار جي حاضري لاءِ ئي هو. اسحاق ڊار جي وڪيل چيو ته اسحاق ڊار کي هڪ ڪانفرنس جي لاءِ پرڏيهه وڃڻو آهي. جج محمد بشير چيو ته ضمني ريفرنس به آيو آهي ان جي تحت ٻيهر فرد جرم لاڳو ٿي آهي. وڪيل جواب ڏنو ته ان تي اسان دليل ڏينداسين ته ضمني ريفرنس نٿو بڻجي. اسحاق ڊار طرفان ملڪيت کي ضبط ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي اسحاق ڊار حاضري کان مستقل ڇوٽ جي به درخواست داخل ڪئي. اسحاق ڊار جي ٻنهي درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو جنهن کان پوءِ اسحاق ڊار خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ اربع تائين ملتوي ڪئي وئي. اسحاق ڊار جي حاضري کان معافي ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ خلاف درخواستن تي نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو. احتساب عدالت نيب کان 12 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو. عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته دنيا پاڪستان مٿان معاشي پابنديون لڳايون هيون اسان مشڪل وقت ۾ معيشت کي صحيح رستي تي گامزن ڪيو. ڊالر جي قيمت مصنوعي وڌائي وئي. هن ٻيهر دعويٰ ڪئي ته ڊالر جي قيمت 200 روپين کان به گهٽ ٿيندي. ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قدر وڌي رهي آهي. ڪرنسي جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ چيلنج هوندو آهي. چئن سالن دوران خراب ڪيل معيشت کي تڪڙو صحيح نٿو ڪري سگهجي. اسان معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون. پاڪستان جو 2 هزار 600 ارب روپين جو گڏيل قرض گهٽ ٿيو، ملڪ ۾ صحيح ڪم ڪيو وڃي ته مسئلا حل ٿيندا. ساڍن 4 سالن ۾ پيدا ڪيل مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. احتساب جي ڪڏهن به مخالفت ناهي ڪئي پر انتقام جي سياست نه ڪئي وڃي. انتقام جي سياست سبب ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو آهي. پاناما فراڊ هو. ملڪ ۾ ان جو ڊرامو ڪيو ويو جنهن سبب سياسي عدم استحڪام جنم ورتو. معيشت سان سياست ڪئي ويندي ته اها ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. قرض ڪنهن جي کيسي ۾ نه اسٽيٽ بئنڪ ۾ ويندو آهي. ملڪ ۾ منفي سياست جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. سياسي پارٽين کي ملي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ گهرجي. سياسي پارٽيون حلف کڻن ته معيشت سان سياست نه ڪنديون. اسحاق ڊار چيو ته شهباز شريف ملڪ کي ڊيفالٽر ٿيڻ کان بچايو آهي. هن وقت ايڪسپورٽ انڊسٽري لاءِ مشڪل وقت آهي. جڏهن لنڊن روانگي ٿي ته ڪرنسي مارڪيٽ مان مثبت تبديلي نظر آئي هينئر تائين مون ڪابه هدايت جاري ناهي ڪئي ۽ نه ئي ڏنڊو کنيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں