برساتن ۾ ٿيل نقصان بابت سروي جاري آھي:ڄام اڪرام الله ڌاريجو

گهوٽڪي(ڊ ر )گهوٽڪي پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آھي ته برسات سبب سڄي ملڪ سميت سنڌ ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي برسات پوڻ سبب ڪيترن ئي غريب ماڻهن جا گهر ۽ فصل به تباه ٿيا آهن, سھولتن جي کوٽ باوجود سنڌ حڪومت متاثر علائقن ۾ رليف جي حوالي سان ڀرپور نموني سان ڪردار ادا ڪيو آھي, اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح ڪرڻ بعد تعلقي اسپتال جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران برساتن ۾ ٿيل نقصان بابت سروي جاري آھي, سروي کان پوء جلد گھر ٺھرائي ڏنا ويندا, گهوٽڪي ضلعو شاهوڪار ضلعو آهي فصلن جو نقصان بابت سنڌ حڪومت هارين کي رليف ڏياريندي ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪري ڪرڻ بابت ڊي سي گهوٽڪي کان پڇاڻو ڪندس, انھي کان اڳ ڄام اڪرام الله ڌاريجو گهوٽڪي شھر جي ڀٽائي نگر ڊسپوزل، اسٽيشن روڊ ۽ شهباز ڪالوني ۾ سي سي پيورن ۽ مختلف ترقياتي اسڪيمن جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ تعلقا اسپتال جو دوري ڪري صحت جي سھولتن بابت تعقا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مير حسن ڪولاچي کان معلومات ورتي, ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رانا محسن امتياز، سي ايم او قمر زمان انڊھڙ، انجينيئر پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ميهر داس، ايس ڊي او سيد ثناءُ الله، رحم دل ساوند، رانا جنيد راجپوت، پيپلز پارٽي اڳواڻ حاجي دادن خان مهر، سليم الله ڪلوڙ، سڪندر علي لاکو، رانا مشتاق علي، رائو سڪندر، رئيس عبدالروف خان ڪولاچي, محمد اسماعيل ڌانڌو، اختر سنگهڙ ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں