حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر)باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سالگره جي موقعي تي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ تباه حال صورتحال تي سنڌ جي بحالي لاءِ سنڌ بحالي مارچ حيدر چوڪ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ڪيو ويو سنڌ بحالي مارچ جي اڳواڻي سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر ثمرحيدرجتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي جن ڪري رهيا هئا. سنڌ بحالي مارچ ۾ پروفيسر امداد چانڊيو,ڪامريڊ نريجن راڄاڻي,اي جي پي اڳواڻ اسلم پرويز عمراڻي,جبار صبحپوٽو ڪامريڊ آزاد عالم لاشاري,پروفيسر وجود علي,سنڌ هاري ڪاميٽي جو سوشل سيڪريٽري جبار باغي,مير آزاد ٽالپر,علي حسن لنڊ اسحاق سنڌي,امجد بليدي,اي ڊي پي اڳواڻ دريا خان چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ هئا سنڌ بحالي مارچ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي هزارين ڪارڪنن پاران اڀ ڏاريندڙ نعري بازي ڪندا رهيا سنڌ بحالي مارچ کي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي نااهل انتظاميه ٻوڙيو آهي انتظاميه وڏيرن ڀوتارن جي وانگارو آهي انتظاميه وقت سر پاڻي نيڪالي جو ڪم نه ڪيو پاڻي جا قدرتي رستا روڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ٻڏي آهي سنڌ کي سنڌو جي پاڻي ناهي ٻوڙيو ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ سرڪار سنڌ کي تباه ۽ برباد ڪيو آهي سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو برساتن ۾ بي يارو مددگار رهيا ڪيترائي مري ويا ڪيترا بيمارين ۾ آهن سرڪار پاران بيمارين جون ٽيسٽون به فري ناهن ڪيون ويون ماڻهون بيمارن ۾ ورتل آهن سنڌ جي زراعت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي هارين جا ٿيل فصل ختم ٿي ويا مزدورن پورهيتن جا گهر ڊهي ويا سنڌ سرڪار ماروئڙن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو حڪمران ناڪام آهن جن رڳو ڪرپشن لٽ مار ڪئي آهي هاڻي انهم جو وقت ختم ٿي چڪو آهي هاڻي عوامي راڄ ايندو پورهيت هاري خوشحال ٿيندا سنڌ هاري ڪاميٽي صدر ثمرحيدر جتوئي عالمي دنيا کان اپيل ڪندي چيو ته عالمي دنيا جا ملڪ سنڌ جي مدد ڪن پاڪستان جا ادارا سنڌ جي پورهيتن جا ڀرجلا ٿين سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي نوجوانن کي سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏنيون وڃن هارين مزدورن پورهيتن جي اولاد پڙهيل لکيل نوجوانن کي بنا انٽريسٽ جي لون ڏنو وڃي ته جئين تباه ٿيل سنڌ جي بحالي ممڪن ٿي سگهي سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهن کي بي يارو مددگار ڪري پنايو ويو آهي سنڌ جي پورهيتن جي اکين ۾ رت جا ڳوڙا آهن پورهيت مزدور هاري مفلسي جي زندگي گذاري رهيا آهن هاري قرضن ۾ ڦاٿل آهي جيڪي پنهجا ٻچا کپائڻ تي مجبور آهن سنڌ جي هارين مزدورن پورهيتن جا سمورا زرعي قرض معاف ڪيا وڃن هارين مزدورن پورهيتن کي برسات دوران ڪو به رليف ناهي ڏنو ويو نه ڪو راشن ڏنو ويو آهي نه ئي ٽئنٽ ڏني وئي آهي پورهيت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن وفاقي حڪومت توڙي صوبائي حڪومت سواء فوٽو سيشن جي ڪجهه ناهي ڪري سگهي سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ جي تباه ٿيل ٻوڏ متاثرن جي بحالي سنڌ بحالي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي سنڌ جي ماڻهن کي واپس پنهنجي علائقن ۾ گهر ٺهرائي بحال ڪيو وڃي متاثر خاندانن کي 10 10لک ڏنا وڃن تباه ٿيل فصل جو معاوضو ڏنو وڃي مري ويل مال جي رقم ڏني وڃي. بابا سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 121 هين سالگره جي موقعي تي ٻوڏ سبب تباه ٿيل سنڌ جي بحالي لاء سنڌ بحالي مارچ ۾ قرارداون پيش ڪجن ٿيون. 1. هي سنڌ بحالي مارچ جو ميڙ رياست پاڪستان کان گهر ٿو ڪري ته برساتي ٻوڏ سبب تباه ٿيل سنڌ جي بحالي لاءِ جلد کان جلد قدم کنيا وڃن جن ۾ تباه گهر,دڪان,اسڪول ۽ ٻيون عوامي جڳهون جلد کان جلد تعمير ڪرايون وڃن. 2. پاڻي جي پراڻن وهڪرن جي آڏو آيل تمام رنڊڪون ختم ڪري روڊ، رستا, پليون، بجلي ، گيئس بحال ڪيو وڃي، درياه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وهندڙ پراڻن ڌورن کي پنهنجو رستو ڏئي سمنڊ تائين پهچايو وڃي ۽ انهن جي آڏو ٿيل قبضه ۽ انڪروچمينٽ ختم ڪرائي وڃي. 3. سنڌو درياه جي وهڪرن تي تمام قبضه ختم ڪرائي درياهي وهڪرن کي ڪشادو ڪيو وڃي سنڌ جي علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪيو وڃي. 4. تباه ٿيل زراعت جو معاوضو هارين ، آبادگار کي جلد کان جلد ادا ڪيو وڃي. 5. آباد ٿي سگهندڙ زمينن جو ٻج ، ڀاڻ ۽ کيڙي ڪاهي لاءِ مڪمل خرچ سرڪار ادا ڪري, زرعي شين ڀاڻ,زرعي دوائن جي قيمتن ۾ 70% تائين گهٽ تائين ڪئي وڃي. 6. آباد ٿي نه سگهندڙ زمينن جي سالياني اپت جي اڌ رقم هارين ۽ آبادگارن کي فراهم ڪئي وڃي. 7. برساتي ٻوڏ، نالن ۽ واهن کي ڪٽ هڻڻ ڪري تباه ڪيل ڳوٺ گهر ، مري ويل مال مويشي جو مڪمل معاوضو متاثرن کي ڏنو وڃي. 8. درسي ڪتابن ۽ بڪن جون قيمتون گهٽايون وڃن ، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون فيسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70% گهٽتائي ڪرائي وڃي ، ٻوڏ متاثر شاگردن جون فيون مڪمل ختم ڪري شاگردن کي اسڪالرشپس ڏنيون وڃن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50% تائين واڌ ڪئي وڃي. 9. پئٽرول، ڊيزل، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ 70% سيڪڙو گهٽتائي آندي وڃي، تمام ٽيڪسزز 70%سيڪڙو گهٽايا وڃن, ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ راشن ڦٻائيندڙن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن. 10. سنڌ ۾ آباد ٿيل سمورن ڌارين کي جلد کان جلد پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ واپس موڪليو وڃي, سنڌ اندر بند ٿيل ڪارخانا هلائي متاثرن نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي. 11. زندگي جي ضروري عام واهپي جي شين اناج ، اٽي ، تيل ، سبزين ، ميون ۽ دوائن جون قيمتون گهٽائي مهانگائي ختم ڪئي وڃي. 12. جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي جو نظام ختم ڪري هاري ڪورٽون قائم ڪيون وڃي. 13. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاران پاس ڪرايل سنڌ ٽينسي ايڪٽ تي مڪمل عمل ڪرايو وڃي. 14. برسات متاثرن لاءِ حڪومت طرفان رکيل فنڊ جي عدالتي انڪوائري ڪرائي وڃي. 15. هي اڄ جو ميڙ ۽ مارچ باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي 121 جنم ڏينهن تي سرخ سلام پيش ڪري ٿو ۽ سنڌ جي حقن جي بحالي سنڌي ٻولي جي بقا عزت ۽ اجپي جي نظام لاء سنڌ هاري ڪاميٽي جو ساٿ ڏيڻ لاء عوام کي اپيل ڪري ٿو. سنڌ بحالي مارچ کي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪيو
