ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ آل پاڪستان مري اتحاد جو ساليانو ڪنوينشن ٿي گذريو, ڪنوينشن ۾ مري اتحاد جي مرڪزي چيئرمين رئيس مهر الدين مري, صدر مير شفقت مري, نائب صدر مير مريد خان مري, جنرل سيڪريٽري جهانگير خان مري, سنڌ صوبائي صدر گل الدين خان مري, ضلعي ڄامشورو صدر يار خان مري, يوٿ صوبائي صدر مير ظفرالله خان مري, بنگل خان مري, رئيس محب علي مري, حاجي امين مري ۽ قربان علي مري سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ مري برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مري اتحاد جي مرڪزي اڳواڻن ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ رهندڙ مري برادري جي ماڻهن ۾ يڪجهتي ۽ اتحاد قائم ڪرڻ لاء آل پاڪستان مري اتحاد جوڙيو ويو جيڪو پنهنجي منزل طرفان روان دوان آهي, هنن چيو ته آل پاڪستان مري اتحاد جي پليٽ فارم تان مري برادري جي ماڻهن ۾ تعليمي جاگرتا مهم پڻ هلائي رهيا آهيون ته جيئن هو پنهنجي اولاد کي پڙهائي لکائي دنياداري جي اهل بڻائن, هنن چيو ته سرداري ۽ جاگيرداري نظام پڻ هن معاشري لاء ناسور آهي ان خلاف پڻ پنهنجي مري برادري جي ماڻهن ۾ جاگرتا مهم هلائي رهيا آهيون, هنن چيو ته آل پاڪستان مري اتحاد نياڻيون سڱ چٽي طور ڏيڻ واري عمل کي رد ڪرڻ سميت جرگائي نظام کي به رد ڪري ٿو, هنن چيو ته آل پاڪستان مري اتحاد ٺاهڻ وقت ڪجھ قبيلائي ڀوتار خاص ڪري پ پ سان لاڳاپيل ڀوتارن طرفان تمام گهڻيون رڪاوٽون ونڌيون پر آل پاڪستان مري اتحاد جي اڳواڻن طرفان پنهنجي قبيلي خاطر سچائي سان بيهڻ سبب اڄ برادري جو تمام وڏو ۽ مضبوط اتحاد ٿي چڪو آهي, آل پاڪستان مري اتحاد جي اڄوڪي تاريخي ڪنوينشن انهن ماڻهن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن جيڪي پنهنجي ذاتي انا جي خاطر آل پاڪستان مري اتحاد جي مخالفت ڪري رهيا هئا. هنن جو وڌيڪ چوڻ ته بلوچستان کانپوء سنڌ اسان جو ٻيو گهر آھي جتي اسان جا لکين مري ڀائر رهيل آهن, هنن چيو ته سنڌ ڌرتي جو نمڪ کائون پيا جڏھن به سنڌ تي ڪو ڏکيو وقت آيو ته مري قبيلي جا لکين نوجوان سنڌ جا سپاهي بڻجي سنڌ جا محافظ بڻبا. ان موقعي تي ڪنوينشن ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي چادر اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا.
