سنڌي ٻولي ۽ اسان جي ذميواري

سارنگ جويو
سنڌي ٻولي بُنيادي اُھڃاڻ آھي سنڌي ھجڻ جو، اسان جنھن عظيم سنڌو تھذيب جا وارث آھيون، ان تھذيب جو ھڪ مظبوط بُنياد ۽ اھڃاڻ سنڌي ٻولي آھي، جيڪا نه صرف اھڃاڻ ۽ بنياد آھي پر سنڌي قوم جي پنجن بنيادي جُزن مان ھڪ اھم جُز آھي، جنھن کان سواءِ قوم مڪمل قوم نه ٿي ٿئي. ياد رھي ته سنڌ جي دل ۽ دماغ جي حيثيت رکندڙ معاشي حب ڪراچي ۾ اسان لکين رھندڙ سنڌي رياستي ۽ حڪومتي سازشن ۽ نااھلين ۽ پنھنجي لاپرواھين سبب سنڌي ٻوليءَ کان ڪَٽجي ويا آھيون. ڪراچي جيڪا سنڌ جو تخت گاھ آھي، اتي اڄ سنڌي ميڊيم اسڪول ڳوليو نه ٿا لڀن، سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ مان پڻ نيڪالي ڏني وئي آھي مٿان ظلم اھو ته انگريزي ۽ اردو ميڊيم اسڪولن جي انتظاميا سنڌي ٻارن ۽ ان جي والدين کي زبردستي اھو پيغام ٿا ڏين ته ٻار اسڪول توڙي گھر ۾ سنڌي نه ڳالھائين ڇو ته ان سان ھنن جي انگريزي سکڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي ۽ اوھان به انھن سان سنڌي نه ڳالھايو ۽ اسان سنڌي وري ان اسڪول انتظاميا جي اھڙي حڪم نامي ۽ رويي خلاف احتجاج ڪرڻ جي جڳھ تي ان تي عمل ڪندي پنھنجن ٻارن سان گھر ۾ به سنڌي نه ٿا ڳالھايون ۽ انھن سان انگريزي يا اردو ٻوليءَ ۾ ٿا ڳالھايون ۽ اھو سوچيون ئي نه ٿا ته سنڌي ٻولي ڳالھائڻ سان انگريزي نه اچڻ جو ڪھڙو منطق آھي جڏھن ته اردو ڀلي ڳالھائين ان سان انگريزي سکڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي پر سنڌي ڳالھائڻ سان انگريزي سکڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي. جڏھن گھڻو وقت اڳ سڄي دنيا جي ٻولي ماھرن ۽ نفسياتي ماھرن توڙي ميڊيڪل سائنس جي ماھرن جي اھا تحقيق اچي چڪي آھي ته ٻار پنھنجي ماءُ جي پيٽ ۾ ھوندي ئي ٻولي سکي ٿو ۽ اھا ٻولي ھن جي ماءُ ٻولي آھي، پيدا ٿيڻ کان پوءِ ھو ان ئي ٻوليءَ ۾ سوڇي ٿو ۽ خواب ڏسي ٿو ۽ ان جي دماغ جي درست نشو نما ماءُ ٻولي جي ذريعي ٿئي ٿي ۽ ان ئي ٻوليءَ ۾ ٻار جا تصور چٽا ٿيڻ ٿا ۽ ھو درست طريقي سان سمجھي ٿو پر ھتي اسان ان جي ابتڙ ماءُ ٻوليءَ جو پنھنجي ھٿن سان پاڻ قتل ڪيون ٿا ۽ ٻار کان اھا ٻولي کسيون ٿا، جنھن ۾ ھو سوچي ٿو ۽ خواب ڏسي ٿو، ان جو نتيجو ايئن نڪري ٿو ته اسان جو ٻار انگريزي ته ڳالھائي ٿو پر اھا سمجھي نه ٿو، ان جو شين باهت تصور ئي چِٽو ناھي، رڳو طوطي وانگر رٽي ھڻڻ تي زور آھي ۽ اسان ان ۾ خوش ته ٻار انگريزي ڳالھائي ٿو. اھو ئي سبب آھي جو اسان جو سنڌي ٻار پنھنجي ماءُ ٻولي سان ڪٽجي وڃڻ کان پوءِ ھو پنھنجي تھذيب، ڪلچر، تاريخ کان ته ڪٽجي وڇي ٿو پر گڏوگڏ ھن جي ذھني نشونما به متاثر ٿئي ٿي ۽ اھو سماج جي اندر ڪو بھتر ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگھي، انھن سمورن سببن جي ڪري ئي سنڌ اڀياس اڪيڊمي پاران زيبسٽ يونيورسٽيءَ اندر گُذريل 12 سالن کان سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي. پھرين اھو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڳري فيس تي پڙھايو ويندو ھو پر ان کان پوءِ گذريل 2 سالن کان اھو ڪورس سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي موجوده ٽيم جي ڪوششن سان بلڪل مفت پڙھايو وڃي ٿو. ھن وقت سنڌي ٻولي سکڻ جو اھو ڪورس ٻن ليولز ۾ پڙھايو وڃي ٿو. آئون ڪراچي ۾ رھندڙ سمورن سنڌين توڙي سنڌي ٻولي سکڻ سان چاھ رکندڙ ھر عمر جي ٻارن توڙي وڏن کي گذارش ٿو ڪيان ته ھن ڪورس ۾ داخلا وٺي سنڌي ٻولي سکن ۽ پنھنجي ٻوليءَ جي مستقبل کي محفوظ ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں