غازي ڳوٺ متاثرن جي ڪئمپ تي نياز ڪالاڻي پهچي ويو

گڏاپ (ن س) ڪراچي جي غازي ڳوٺ جي رھواسين جو جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۔  سچل بھار وڌيو۔  لالا شبير پٺاڻ۔ اشفاق عباسي۔ فرخ شاھ ۔  مرتضيٰ شاھاڻي۔  ڊاڪٽر الطاف ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو۔  ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ جي قومپرستن مٿان الزام ھڻي رھيو آهي ته اھي ھر معاملي تي سياست ٿا ڪن پر آئون کيس چوان ٿو اوھان سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي اھي سنڌ جا قومپرست اڳواڻ آهن جن اوھان جي کربين روپين جي ڪيل چوري منظر عام تي آندي آهي ھن چيو ته غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رھواسين مٿان ٿيل ظلم تي سنڌ حڪومت جي خاموشي سواليا نشان بڻيل آهي۔ جيستائين غازي ڳوٺ E بلاڪ جي رھواسين سان انصاف نه ٿيندو ان وقت تائين احتجاج جاري رھندو ھن چيو ته آئون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي چوان ٿو ته اھي ڪوڙا ڊراما نه ڪريو اوھان غازي ڳوٺ اي بلاڪ جي رھواسين مٿان ظلم ڪندڙ جن آفيسرن کي برطرف ڪيو اھو صرف اعلان تائين محدود ھيو۔  اھي سمورا آفيسر اڄ به ساڳين پوسٽن تي ڪم پيا ڪن ۽ ھاڻ انهن جا اگھ وڌي ويا آهن اسان اھو اعلان ٿا ڪريون ته اڄ کان احتجاجي تحريڪ تيز ڪنداسين ۽ ان وقت تائين خاموش نه ويھنداسين جيستائين انصاف نه ٿيندو۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں