ڪراچي (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سائفر بابت ڳالهه جي هڪ ٻي مبينا آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي. مبينا آڊيو ۾ اسد عمر چوي ٿو ته هڪ ٻي شئي آهي، هائنڊ سائيٽ ۾ هي جيڪا اسان هاڻي ڪري رهيا آهيون نه ليٽر وارو، اهو ٿورو هفتو ڏهه ڏينهن اڳ شروع ڪرڻ گهرجي ها. ان تي عمران خان چيو ته هن ليٽر جو ڏاڍو وڏو يعنيٰ جيڪو اسان سوچي رهيا آهيون نه، ان جو سڄي دنيا ۾ هڪ اثر ويندو آهي. ان دوران شيرين مزاري چوي ٿي ته چائنيز آفيشل اسٽيٽمينٽ ايشو ڪئي آهي ته آمريڪا جي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي مذمت ڪريون ٿا. ان تي عمران خان چوي ٿو ته حڪمت عملي اها آهي ته پبلڪ اسان سان بيٺي آهي، هاڻي پبلڪ جي پريشر سان اسان چاهيون ٿا ته آچر تي اهڙي هائيٽ تي پريشر هجي جو جيڪو به وڃي اسيمبلي ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ان جي يعنيٰ اهو برانڊڊ هجي پر جيڪو اوهان کي برينڊ ڪرڻو آهي نه، مير جعفر ۽ مير صادق، اوهان کي ماڻهن کي اسپون فيڊ ڪرڻو آهي، مائينڊز آل ريڊي فرنٽائل گرائونڊ بڻيل آهن، هن وقت انهن کي اوهان فيڊ ڪندا. ياد رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڄ هي ٻي آڊيو ليڪ ٿي آهي ۽ ان کان اڳ مبينا آڊيو ۾ عمران خان هارس ٽريڊنگ تي ڳالهايو هو. ان کان اڳ سائفر بابت ڳالهه ٻولهه جون 2 مبينا آڊيوز به ليڪ ٿيون آهن ۽ اهي هيڪرز طرفان جاري ڪيون ويون هيون.
