نواب ولي محمد ڀرسان برسات متاثرن لاءِ  يونيسيف جي تعاون سان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

نواب ولي محمد(ن س) نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ غوث علي شاهه ۾ سياسي سماجي اڳواڻ سيد غلاب شاہ اڳوڻو ضلعي ڪائونسلر سيد دادن شاہ کاظمي جي ڪوششن سان سردار اسماعیل ڏاهري طرفان يونيسيف جي تعاون سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي جتي ڊپٽي ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اشفاق مشوري پنهنجي ڊاڪٽرن جي ٽيم سان سوين جي تعداد ۾ برسات متاثرن جي مفت ٽيسٽ سان گڏ مفت دوائون ڏنيون. جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڊسٽرڪ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اشفاق مشوري چيو ته ڊي ايڇ او هيلٿ ڊاڪٽر دولت جمالي جي خاص هدايتن تي هن ڳوٺ ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي آهي ڪيمپ ۾ آيل برسات متاثرن جي مفت ۾ ٽيسٽ ڪرڻ  بعد دوائون فراهم ڪيون پيو وڃي. هي ڪيمپ شام پنجين تائين هلندي. هن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ نه رڳو ڳوٺ غوث علي شاهه پر ڀرپاسي جي ڳوٺن جا  مريض به آيا انهن جو به علاج ڪيو پيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں