ٽنڊوالهيار(ڊ ر)ٽنڊوالهيار جيئي سنڌ محاذ پاران ڌارين جي آبادڪاري , ٽنڊوالهيار ضلعي جي مختلف ادارن ۾ مبينه ڪرپشن , سماجي براين , ضلعي جي مڪاني ادارن ۾ مبينه ڪرپشن , تيل ڪمپنين مان ملندڙ رائلٽي ۾ مبينه ڪرپشن سميت سول اسپتال ٽنڊوالهيار ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن باغي ڪالرو , وقار بوزدار , علي حسن طهراڻي ۽ ٻين چيو ته ضلعي جي مختلف کاتن ۾ ڪرپشن عروج تي آهي , ڪير پڇڻ وارو ناهي هنن چيو ته هتي ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن جيڪو عمل بند ڪيو وڃي ۽ جاري ڪيل ڪارڊن کي رد ڪيو وڃي , اڳواڻن چيو ته ضلعي اندر سريعام سماجي برايون هلي رهيون آهن نوجوان نسل تباهي ڪناري تي پهتل آهي جنهن تي انتظاميه مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن وڌيڪ چيو ته ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ڪيتريون ئي تيل ڪمپنيون آهن جن مان ملندڙ رائلٽي ڪٿي خرچ ٿئي ٿي ڪا خبر نه آهي ملندڙ رائلٽي مان هڪ پيسي جو به ڪم نظر نٿو اچي هنن چيو ته ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي ڪا به سهولت نٿي ملي جتي مريض کي ريفر ڪرڻ معمول بڻيل آهي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي مطالبن تي عمل درآمد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج کي وسي ڪيو ويندو
