پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف، هڪ ٻئي آڊيو ليڪ

اسلام آباد (بيورو)  اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي هڪ وڌيڪ آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي. ليڪ ٿيل آڊيو ۾ عمران خان 5 ايم اين ايز جي خريداري جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. ليڪ ٿيل آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته اوهان کي وڏي غلط فهمي آهي ته اوهان جا نمبر گيمز پورا آهن، اهو نمبرز ائين نه آهن، ائين نه سمجهو ته سڀ ختم ٿي ويو آهي. عمران خان ليڪ ٿيل آڊيو ۾ چوي ٿو تھ قوم ھن وقت سجاڳ ٿي وئي آھي، پنھنجي طرفان ڪيئي چالون  ھلايان پيو، جيڪي اسان پبلڪ نٿا ڪري سگهون . پي ٽي آءِ چيئرمين چئي رهيو آهي ته پنج ته مان خريدي رهيو آهيان، مون کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اهي پنج انتهائي اهم آهن، هنن کي چئو ته وڌيڪ 5 اسان کي ڏين، 10 ٿي وڃن ته پوءِ گيم اسان جي هٿ ۾ آهي. ليڪ آڊيو ۾ عمران خان چوي ٿو ته هن وقت قوم سجاڳ ٿي چڪي آهي، ماڻھو چاھين ٿا تھ ڪھڙي طرح عمران خان کٽي وڃي، انڪري ڪائي ڳڻتي نه ڪريو ته اهو صحيح آهي يا غلط. عمران خان آڊيو ۾ وڌيڪ چوي ٿو ته جيڪڏهن ڪو هڪ به ٽوڙي ٿو وجهي ته ان سان به وڏو فرق پوندو. ياد رهي ته ان کان اڳ به عمران خان جون ٻه آڊيوز ليڪ ٿي چڪيون آحن جنهن ۾ هو مبينا ڌمڪين واري آمريڪي سائفر بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں