پکو ۾ قمبر پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

پکو(ن س) پکو پريس ڪلب اڳيان عورتن ۽ مردن جو قمبر جي پوليس اهلڪار سليم ميراڻي جي ڏاڍائين خلاف احتجاج. انهيءَ موقعي تي متاثر عورتن شاهدان خاتون، دريا خاتون، وزير علي ابڙو، خان محمد ميراڻي ۽ ٻين ريهون دانھون ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اھلڪار سليم ميراڻي اسان جي گھر ۾ گھڙي عورتن مٿان تشدد ڪري نوجوان کي بيگناه گرفتار ڪري داٻا ڏنا.  اسان مجبور ٿي پکو پريس ڪلب ۾ پهچي  پوليس اھلڪار سليم ميراڻي جي ڏاڍائين خلاف احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙ متاثرن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اهڙي شڪايت حد جي ٿاڻي تي ۽  اعليٰ اختيارين کي ڏني پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو آھي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته  پوليس اھلڪار خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں