طفيل مگسي
جڏھن برصغير جي ورهاست ٿي رهي هئي ته جناح جي چوڻ تي پنج سو جي ويجهو آزاد رياستن جو پاڪستان يا ڀارت سان الحاق وونٽن يا ريفرنڊم جي وسيلي ڪرڻ جي بجاء هيڊ آف دي اسٽيٽ کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڪري شامل ڪيو ويو هو.
جناح جي برخلاف پنڊت نهرو بحيثيت ڪانگريس اڳواڻ غفار خان.مولوي آزاد ۽ پاڻ گانڌي به ريفرنڊم ڪرائڻ جي حق ۾ ھو.حالانڪ انهن پنج سو رياستن جا اڪثر اڳواڻ هندو يا سک هئا ۽ ظاھر آھي ته ان جو فائدو ڀارت کي ٿيڻو هو.ليڪن سياسي سوچ وفهم جي گهرج اها هئي ته ووٽ جي وسيلي فيصلو ڪيو وڃي ها.ريفرنڊم جي ذريعي الحاق ٿيئي ها ته اڄ خطي جي صورتحال بلڪل مختلف ٿي پئي سگهي هئي.
انهن پنج سو رياستن ۾ ڪن ۾ سکن جي اڪثريت هئي ۽ اڳواڻ ھندو هو.ڪن ۾ ھندو سک اڪثريت ۾ ھئا ۽ اڳواڻ مسلمان هو.۽ ڪن ۾ سک ڊوگر اڳواڻ ھو ۽ اڪثريت مسلمانن جي هئي.جنهن ۾ ذڪر جي قابل رياستون حيدرآباد.ڄمون وڪشمير.جهونا ڳڙھ.اسيڪم ۽ بنگال وغيره هيون.
سرحد .ڄمون وڪشمير گلگت بلستان کي پاڪستان زبردستي پاڻ ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ جهونا ڳڙھ.حيدرآباد ۽ اڌ ڄمون وڪشمير کي ڀارت زبرستي پاڻ ۾ شامل ڪيو.جيتوڻيڪ ڄمون وڪشمير جا ماڻھو اڄ به آزادي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آھن.
هند جي ان اڍنگي ورهاست کانپوء اسان اصل موضوع يعني بلوچستان جي پاڪستان ۾ شموليت ڏانهن اچون ٿا.ورهاست کان اڳ بلوچستان نوابي ريادت قلات.لسٻيلو.خاران.مڪران ۽ سيستان تي مشتمل هئي.اولهائون حصو سيستان وغيره ايران جي قبضي ۾ آھي.جڏھن ته باقي علائقا پاڪستان ۾ شامل آھن.اوڀريون حصو ڊيره جات.جيڪب آباد(خان ڳڙھ) نصيرآباد ۽ ڪوئٽا تي مشتمل هئا.جنهن کي رياست قلات سڏيو ويندو هو.جنهن ۾ اڪثر پختون آباد هئا ۽ آھن.جڏھن ته اولهائين حصي ۾ گهڻو انگ بلوچستان جو آھي.انگريزن ان کي رياستن ۾ ورهاي ڇڏيو هو.1896ع ۾ بلوچستان جو ڪجه حصو افغانستان کي به ڏنو ويو.اهو سڀ انتظام بڪوچن کي ورهائي ڪري انهن جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاء ھئا.جيڪو انگريزن جو هٿيار هو يعني ورهايو ۽ حڪومت ڪريو.اولھ بلوچستان جي رياست سيستان وغيره ۾ بندر عباس.ڪرمان.جاسڪ ۽ ميناب شامل آھن.جتي بلوچن جي اڪثريت کي تبديل ڪري جغرافيائي ايڊجسٽمنٽ ڪئي وئي هئي.ساڳئي ٽيڪنڪ هندستان جي قبضي ڄمون وڪشمير ۾ آزمائي پئي وڃي ۽ اتي بهارين کي آباد ڪيو پيو وڃي.
ڊيره غازي خان ۽ راجن پور جيڪي هن وقت پنجاب ۾ آھن.اهي علائقا پڻ بلوچستان جي رياست جو حصو آھن.
هاڻي اوهان کي سهڻي ريت سمجھ ۾ ايندو ته بلوچ قوم جو مسئلو ڇا آھي؟
موجوده بلوچستان کي جيڪڏھن پکيڙ جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آھي.۽ جيڪڏھن ايران.پاڪستان ۽ افغانستان کان سمورا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪيا وڃن ته اها پاڪستان جي سڀ کان وڏي رياست ٿيندي.
جڏھن خان آف قلات پاڪستان سان الحاق ڪيو ته کيس کي اها اميد هئي ته پاڪستان راجن پور ۽ ڊيره غازي خان واپس بلوچستان ۾ شامل ڪري ڇڏيندو.
ياد رهي ته اهي ٻئي علائقا برطانوي بيٺڪيتي دور ۾ پنجاب ۾ شامل ڪيا ويا هئا.ليڪن پنجاب جي بيورو ڪريسيء جڏھن ڪنهن به حڪومت کي اهو موقعو نه ڏنو ته بلوچ قبيلا مايوس ۽ باغي ٿي ويا.بعد ۾ اھي شڪايتون شدت جوجهڳڙو بڻجي ويون.جيڪي اڄ به شدت رخ اختيار ڪري چڪيون آھن.انهن علائقن ۾ بوزدار.کوسا.لغاري.گورشاني ۽ مزاري بلوچ قبيلن آھن.پنجاب جي سابق وزيراعلي بوزدار قبيلي انگريزن جي ان فيصلي جي خلاف هڪ ڊگهي جنگ پڻ وڙھي ۽ اھي ماڻھو اڄ به پاڻ کي پنجاب ۾ ايڊجسٽ ناهي ڪري رهيا.
اختر مينگل جي ابن ڏاڏن به پنهنجن حقن جي لاء بي پناه قربانيون ڏنيون.اصل ۾ بلوچ قوم 1967ع واري واقعي کانپوء پاڪستان کان نفرت ٿي وئي يعني ٿيو ائين ته اختر مينگل جي بابا جي ڪجه ڀائرن قبيلي سان گڏجي ڪري هٿياربند جدوجهد اختيار ڪري ڇڏي ۽ نواب اڪبر بگٽي جيان پهاڙن ڏانهن هليا ويا.
ايوب خان قرآن مجيد تي قسم کنيو ته اوهان هيٺ لهي اچو ۽ ھٿيار ڦٽا ڪيو ته حڪومت اوهان کي معاف ڪري ڇڏيندي.اهي ڀروسو ڪري هيٺ لٿا ته فوج انهن تي فائرنگ ڪري ڇڏي.جنهن تي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻھو شھيد ٿي ويا ۽ ٻارهن سو کان وڌيڪ ماڻھو قيدي بڻايا ويا.اها اهڙي بد ديانتي هئي جيڪا اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوء ناقابل بيان نفرت جو سبب بڻجي وئي.
اڄ جيڪڏھن بلوچ قوم جا ڪجه آزادي جي تحريڪ هلائي رهيا آھن ته انهن ڪهڙو ڏوھ ڪيو.انهن کي ته اوهان پهاڙن ڏانهن وڃڻ تي مجڀور ڪيو آھي.
اوهان انصاف نه ڪندو ته پاڻھي پاڻ ختم ٿي ويندو.اڃا به وقت آھي ته بلوچ قوم جي شڪايتن جو مڪسيمم ازالو ڪيو وڃي.اتان جي غربت کي ختم.ڪيو وڃي.صوبي کي اوليت جي بنياد تي ترقي ڏني وڃي ته ڪو سبب ناهي ته بلوچ قوم جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي وڃي.ليڪن جيڪڏھن اها صوفتحال اوهان زبردستي جاري رکي ته بلوچن جي تاريخ اها رهي آھي ته اهي مري مٽجي ۽ ٽٽي سگهن ٿا.پر ڪڏھن به جهڪي نٿا سگهن.
